مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت، جڏھن مون سندس ڪفن تيار ڪيو..!!

ذوالفقار قادري

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت، جڏھن مون سندس ڪفن تيار ڪيو..!!

23سيپٽمبر 1996ع تي قمبر شهر ۾ مير مرتضئ ڀٽو جو شهر جي مرڪزي جناح باغ ۾ جلسو رٿيل هو سو مان ۽ ٻيا دوست برڪت ميرجت ٖ اياز دايو ٖ شعبان شيخ سميت تمام ساٿي مير مرتضئ ڀٽو جي هدايتن تحت قمبر شهر ۾ سندس جلسي عام جي اسٽيج جو هلندڙ ڪم ڏسي رات گهر واپس ٿياسين اها 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جو ٽائيم هو قمبر ۾ ڪيبل سسٽم اڃا ڪونہ آيو هو ڪن ڪن گهرن ۾ ڊش اينٽينا تي ملڪي ۽ بين الاقوامي ٽي وي چينل ڏسبا هئا مان گهر پهچي ڊش ٽي وي کولي ڪو انٽرٽينمنٽ ٽي وي چينل سرچ ڪرڻ شروع ڪيو تہ بي بي سي ٽي وي ورلڊ سروس تي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي تہ “ پاڪستان جي شهر ڪراچي ۾ پاڪستاني وزير اعظم بينظير ڀٽو جو ڀاءٗ مير مرتضئ ڀٽو پنهنجي ساٿين سميت پوليس سان هڪ مسلح جهڙپ ۾ مارجي ويو آهي “ منهنجي هٿ مان تہ ٽي وي جو ريموٽ ئي ڪري پيو ٖ مون پنهنجي هڪ دوست کي پي ٽي سي ايل فون ڪري ان سانحي بابت ٻڌايو ۽ کيس چيم فورن گاڏي کڻي اچ تہ المرتضئ لاڙڪاڻي هلون بس ٿوري دير ۾ ھو گاڏي کڻي پهتو ۽ اسان لاڙڪاڻي روانا ٿي ويا سي ٖ اتي جڏھن مير مرتضئ ڀٽو جي رهائش گاه المرتضئ هاؤس پهتا سين تہ ملازمن ۾ روڄ راڙو متل هو ٖ مون سندس ٻن خانداني پراڻن ملازمن مامي جان محمد ککراڻي ابڙي ۽ ابراهيم سولنگي کي ٿورو پرڀرو ڪڍي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ڏسو هيڏو وڏو سانحو ٿيو آھي ٖ ڀٽو خاندان جو ڪو بہ فرد هتي موجود ڪونهي ٖ سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو هتي المرتضئ هاوس ۾ جمع ٿيندا سو اسين ئي هن وقت مير مرتضئ جا وارث بہ آھيون تہ ڪانڌي بہ آھيون ٖ اسان کي هتي بنگلي ۾ فورن تڏو وڇائڻ جا انتظام ڪرڻ کپن بس پو۽ اسين سڀ پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا سين مامي جان محمد ڊيڪوريشن واري کي فون ڪئي جن ڪجهہ ئي دير ۾ المرتضئ هاوس پهچي شاميانہ هڻي قالين وڇرائي ڇڏيا ٖ اسان المرتضئ جي ڪجهہ ڪمرن جو سامان ڪڍرائي سائيڊ تي ڪري ڇڏيو ٖ ۽ ڪمرن ۾ متوقع طور مير مرتضئ جي لاش پهچڻ جي صورت ۾ انتظام ڪري ڇڏيا ٖ بس ٿوري دير ۾ ئي ماڻھن جا انبوهہ روڄ راڙو ڪندا المرتضئ هاؤس پهچندا ويا ٖ 21 سيپٽمبر جي صبح ٿي چڪي هئي المرتضئ ۽ ستر ڪلفٽن ڪراچي پاڻ ۾ مسلسل رابطي ۾ ھئا ٖ دراصل مير مرتضئ جي شھادت وقت بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان ۾ نہ هئي ان کي لنڊن ۾ اطلاع ڏنو ويو هو فورن پاڪستان لا۽ رواني ٿي وئي ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي لاش کي ڪراچي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو جيئن ئي بيگم نصرت ڀٽو ڪراچي پهتي تيئن ئي اسان کي لاڙڪاڻي ۾ اطلاع مليو تہ بيگم نصرت ڀٽو ٖ غنواي ڀٽو سندس ٻار فاطمه ڀٽو ۽ جونيئر ذوالفقار ڪراچي مان مير مرتضئ ڀٽو جي لاش سميت لاڙڪاڻي روانا ٿيڻ وارا آھن ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي نماز جنازه پيپلز اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ٖ لاڙڪاڻو مڪمل طور بند هو جو سبزي سگريٽ ملڻ بہ مشڪل هو 21 سيپٽمبر جي شام ٿيڻ واري هئي هزارين ماڻھو پيپلز اسٽيڊيم ۾ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري ديدار ۽ نمازه جنازه لا۽ جمع ٿي چڪا هئا ٖ اسٽيڊيم ۾ تر جيتري جا۽ بہ نہ هئي ٖ مان ۽ ڪجهہ ٻيا دوست ممتاز علي ڀٽو جو فرزند امير بخش ڀٽو ٖ فاروق ڀٽو ٖ اسٽيڊيم ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻي ضلعي انتظاميہ سان هيلي ڪاپٽر اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا سي آخر فضا ۾ ٻہ هيلي ڪاپٽر نمودار ٿيا ٖهيلي ڪاپٽر جا پائلٽ مسلسل هيٺ انتظاميہ سان رابطي ۾ هئا ٖ خير سان جنهن هيلي ڪاپٽر ۾ بيگم نصرت ڀٽو ٖ غنوئ ڀٽو ٖ فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر هئا ان هيلي ڪاپٽر تہ اسٽيڊيم ۾ لينڊنگ ڪئي پر جنهن ٻئي هيلي ڪاپٽر ۾ مير مرتضئ ڀٽو جي ڊيڊ باڊي هئي ان هيلي ڪاپٽر جي پائلٽ ميسيج ڏنو تہ هزارين جذباتي ۽ غمزده ماڻھن جي درميان مير جي لاش سان هيلي ڪاپٽر جي ليڊنگ ممڪن ڪونهي لهذا ڪا متبادل جا۽ فراهم ڪئي وڃي ٖ مان ٖ امير بخش ڀٽو ٖ فاروق ڀٽو ٖ لاڙڪاڻي جو ڊي سي شمس جعفراڻي ٖ ايس ايس پي اڪبر آرائين گڏ بيٺا هئا سي ٖ ايس پي لاڙڪاڻو مشاورت کان بعد تجويز ڪيو تہ هيلي ڪاپٽر کي پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي جي گراؤنڊ تي لينڊ ڪرايو وڃي اهڙو ميسيج پائلٽ کي بہ پاس ڪيو ويو اهڙي طرح اسان ڪجهہ مخصوص ماڻھو ۽ انتظاميہ ايمبولينس سميت مخفي طور اسٽيڊيم مان نڪري پوليس ٽريننگ سينٽر جي گراؤنڊ طرف روانا ٿي ويا سين ٖٿوري دير ۾ هيلي ڪاپٽر بہ پي ٽي ايس پوليس گراؤنڊ تي لينڊنگ ڪئي پي ٽي ايس گراؤنڊ تي ان وقت مون سميت امير بخش ڀٽو ٖ فاروق ڀٽو ٖ محمد علي ڀٽو ٖ قادر اهير ٖ عنايت عمراڻي ٖ برڪت مير جت ٖ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شمس جعفراڻي ٖ ايس ايس پي لاڙڪاڻو اڪبر آرائين ۽ ٻيا موجود هئا سين هيلي ڪاپٽر جي ليڊنگ بعد پائلٽ اچي هيلي ڪاپٽر جو دروازو کوليو تہ اڇي ڪفن ۾ ملبوس ذوالفقار علي ڀٽي جي موڀي پٽ مير مرتضئ جو لاش نظر آيو ٖ لاش مان اڃا رت وهي رهيو هو جنهن سبب ڪفن رت هاڻڪو ٿي چڪو هو ٖ مون ٖ امير بخش ڀٽو ٖ فاروق ڀٽو عنايت عمراڻي ٖ برڪت ميرجت ٖ ۽ ڪجهہ ٻين دوستن هيلي ڪاپٽر مان مير مرتضئ ڀٽي جي لاش جو اسٽريچر لاهي ايمبولينس ۾ شفٽ ڪيو سين ۽ مير مرتضئ جي لاش کي پي ٽي ايس گراؤنڊ تان کڻي ماڻھن جي آه و زاري ڳوڙهن دانهن ۽ ڪوڪن جي انبوهن مان گذرندا المرتضئ هاؤس پهتاسين ٖمير مرتضئ جي لاش کي اچي ان ڪمري ۾ رکيو سين جتي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مير مرتضئ ڀٽو عام و خاص ماڻھن سان ملاقاتون ڪندا هئا ٖ ڪمري جي ٽيمپريچر کي نارمل رکڻ لا۽ ڪمري جا تمام ايئرڪنڊيشنڊ چالو ڪرڻ سان گڏ وافر مقدار ۾ برف جا وڏا ٽڪرا پڻ رکيا ويا هئا ٖ جڏھن تہ بيگم نصرت ڀٽو ٖ غنوائ ڀٽو ٖ فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر پڻ المرتضئ پهچي چڪا هئا ٖ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي موڀي پٽ جي شھادت جي صدمي سبب بيحال هئي ۽ کيس ڀرسان واري ڪمري ۾ شفٽ ڪيو ويو باقي غنوائ ڀٽو پنهنجي شھيد ور جي سيراندي کان نير بہ وهائي رهي هئي تہ مير جي جسم مان وهندڙ رت کي برف جي پاڻي مان ڪپهہ آلي ڪري رت بہ صاف ڪندي رهي ٻارڙا پنهنجي ابي جي وڇوڙي ۾ روئي رهيا هئا ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي لاش کي ڪراچي مان غسل ۽ ڪفن ڏئي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو هو پر هيترن ڪلاڪن گذرڻ باوجود مير مرتضئ جي جسم مان رت مسلسل ايئن هلي رهيو هو ڄڻ هاڻي گوليون لڳيون هجن ٖ مير مرتضئ جو سمورو ڪفن رت سان ڀريو پيو هو ٖ ڀٽو خاندان جي وڏڙن فيصلو ڪيو تہ مير مرتضئ کي پنهنجي اباڻي گهر ۾ ٻيهر غسل ڏئي پنهنجي گهر جو ڪفن ڏنو وڃي فورن ماڻهو ڊوڙايا ويا سمورو لاڙڪاڻو سوڳ ۾ بند پيو هو ٖ مان پاڻ انهن ملازمن سان گڏ هئس جيڪي ڪفن جي ڪپڙي لا۽ بازار ويا هئا آخر هڪ واقفڪار شيخ صاحب جو ڪپڙي جو دڪان کولرائي پورو لٺي واري ڪپڙي جو ٿان وٺي درزي ۽ مولانا کي وٺڻ وياسين مولانا صاحب تہ مليو پر درزي هٿ نہ آيو سو ٽائيم بہ ڪونہ هو سو المرتضئ هاؤس واپس آياسين مولانا صاحب پڇيو ڪفن جي تياري لا۽ درزي يا سلائي مشين آھي سو مون کي ياد هو تہ المرتضئ جي سرونٽ ڪواٽر ۾ مون سلائي مشين ڏٺي هئي سو مامي جان محمد کي چيم ماما هاڻ درزي کي ڇڏيو سلائي مشين کڻي اچو مامو جان محمد جلدي ۾ وڃي سلائي مشين کڻي آيو ٖ مولوي صاحب جي مدد سان مون مير مرتضئ جي جسد خاڪي جي ماپ وٺي ڪپڙي جي ٿان مان ڪفن جي تياري شروع ڪئي ٖ ڪفن جي الفي ٖ پاسا ٖ پٽيون ماپي ٿان مان ڪپڙو ڪٽي مير مرتضئ ڀٽو جي لاش جي سيراندي کان ويهي مون ڪفن سبڻ شروع ڪيو تہ غنوائ ڀٽو صاحبہ انگريزي ۾ چيو “ ذوالفقار تون ڪپڙو مشين جي ٽاپ تي ڏيندو وڃ ٖ سلائي مشين مان ٿي هلايان اهڙي طرح مون ۽ غنوئ ڀٽو صاحبہ گڏجي مير مرتضئ ڀٽو جو ڪفن تيار ڪري ورتو سي پو۽ تمام ماڻھن کي ڪمري مان ٻاهر موڪلي مير صاحب جو رت هاڻو ڪفن تبديل ڪري کيس نئون ڪفن ڏيڻ بعد سڀ کان پهرين ڀٽو خاندان جي مردن ۽ عورتن کي آخري ديدار ڪرائي پو۽ ٻين کي ديدار ڪرايو ويو ۽ ان بعد مير صاحب جي جسد خاڪي کي ايمبولينس ۾ کڻي پيپلز اسٽيڊيم پهچايو ويو لکين ماڻھن سندس نماز جنازه پڙھي پو۽ جنازه کي هزارين گاڏين جي جلوس ۾ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو روانو ڪيو ويو ٖ جتي ڳوڙھن ٖ دانهن ٖ ڪوڪن ٖ آھن ٖ پٽن پاراتن جي آوازن ۾ لکين سوڳوارن هن عظيم بهادر فرزند کي ڌرتي ماءٗ حوالي ڪيو ٖويو ٖ پو۽ ان رات دير سان بينظير ڀٽو صاحبہ المرتضئ ھاؤس آئي ڪجهہ دير المرتضئ هاوس ۾ ترسڻ بعد بيگم نصرت ڀٽو کي پاڻ سان گڏ نئون ديرو هاوس وٺي وئي ۽ پو۽ بيگم نصرت ڀٽو کي المرتضئ ۾ نہ ڏٺو ويو - مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو تہ مير مرتضئ جنهن ڪفن ۾ دفن ڪيو ويو ان کي غنوئ ڀٽو صاحبہ سان گڏ مون تيار ڪيو ۽ انهن چند ماڻھن ۾ شامل رهيس جن ڪفن تبديل ڪرڻ وقت مير مرتضئ ڀٽو جي لاش ۽ کيس لڳل گولين جي نشانن کي چٽو اکين سان ڏٺو -