ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ 27 هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي, جمهوريت جي نالي ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي: وسند ٿري

ايس آئي ايف سي جي وجود کان پوءِ سمورا فيصلا غير جمهوري قوتون ڪن ٿيون: عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر

ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ 27 هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي,  جمهوريت جي نالي ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي: وسند ٿري

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسندي ٿري جي اڳواڻي م وفد ڪراچي ضلعي ملير جو دورو ڪيو ان موقعي تي هن ملير، رزاق آباد ۾ سينيئر سماجي ۽ سياسي اڳواڻ خدا ڏنو شاه سان ملاقات ڪري کيس 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ڏوريم ساڻس گڏ سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ايڊووڪيٽ خالد تنيو شامل هئا ملاقات دوران عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڳالهائيندي چيو ته جمهوريت جي نالي ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪارا قانون جمهوريت جي نه پر مارشل لا جي ثابتي آهن. ايس آئي ايف سي جي وجود کان پوءِ سمورا فيصلا غير جمهوري قوتون ڪن ٿيون، اسيمبلين جو ڪردار مٿان کان آيل حڪمن تي جئين جو تئين عمل ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي رهيو، اسيمبلين ۾ مٿان کان مليل حڪمن تي عمل ڪندي عوام دشمن ڪارا قانون تيزي سان پاس ڪيا وڃن ٿا. پيڪا ايڪٽ، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلٽيشن ڪائونسل، اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو ترميمي بل جيڪي سراسر بنيادي انساني حقن، اخلاقي قدرن ۽ جمهوريت جي خلاف آهن. صوبائي ايڪائين ۽ قومن جي تاريخي ۽ تهذيبي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ 27 هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي، جيڪا ملڪي سالميت مٿان حملو آهي. انڌ جي گهوڙي تي سوار قوتن 71ع ۾ بنگال سان اهڙو رويو رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هن چيو ته 27هين آئين ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. سنڌ صدين کان سنڌي ماڻهن جو وطن آهي ان جي وجود بچائڻ لاءِ سنڌ جو هر ماڻهو قرباني ڏيندو ۽ دشمن قوتن کي شڪست ڏيندو. ان موقعي تي سينيئر سماجي ۽ سياسي اڳواڻ خدا ڏنو شاه عوامي تحريڪ جي قيادت کي 24 سيپٽمبر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو يقين ڏياريندي چيو ته سنڌ جي صورتحال انتهائي ڳتي جوڳي آهي. ملير سميت سڄي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ملير جي لکين ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي ڏني وئي آهي. سنڌ سرڪار مقامي ماڻهن، مزدورن ۽ پورهيتن کي 80 گز جو پلاٽ به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. امن امان تباھ آهي. سنڌ جي ماڻهن کي سوچيل سمجهيل سازش تحت منشيات جي حوالي ڪيو ويو آهي. وسيلن ۽ وجود جي بچائڻ لاءِ ڊگهي پر امن جدوجهد ڪرڻي پوندي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ صحافي سامي ميمڻ کي اڳواڻن دعوت ڏني. ٻي طرف عوامي تحريڪ ملير ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت ۾ پپري ۾ ٿيو، اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي