شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي عوامي جدوجهد کي سرخ سلام ..!!

اي اي عباسي

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي عوامي جدوجهد کي سرخ سلام ..!!

سنڌ جي ڌرتي وڏي خوش نصيب آهي جو انهي ۾ اڻ مڻيا هيرا موتي سوڀيا سان ڀرپور ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن. سنڌ جي سونهن ڀري خوبصورت ڌرتي جنهن ۾ هڪ کان هڪ انمول هيرا جنم وٺندا رهيا آهن، سنڌ جي زرخيز سرزمين جي مٽيءَ ۾ اها خوشبوءِ سمايل آهي جنهن جي هٻڪاءُ ۾ هڪ غيرت مند جذبي جي عڪاسيءَ وارو پنهجي وطن پنهجي ڌرتيءَ سان نينهن نڀائن جو وچن ورجايو وڃي ٿو،شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو وڏو فرزند مير غلام مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان حاصل ڪيائين. جنهن بعد هن ’ اوليول ‘ جو امتحان 1971ع ۾ ڪراچي گرامر اسڪول مان پاس ڪيو، گـريـجـوئيـشن ڪـرڻ لاءِ هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن پڙهڻ ويو، جتي 1976ع ڌاري ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ايم . لٽ جو ٽن سالن جو ڪورس پڙهڻ لاءِ ويو ، پر ان دوران 1978ع ۾ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان جي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران قتل جي ڪوڙي الزام ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن سبب مير مرتضي ڀٽو اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي پاڪستان وڃڻ لاءِ آتو ٿيو، پر پنهنجي عظيم والد جو پيغام مليس ته هو سندس آزاديءَ لاءِ بين الاقوامي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهر رهي ڪوششون ڪري. ان کان اڳ 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي خاندان وارن سان گڏ لاڙڪاڻي واري ’ المرتضيٰ هائوس ‘ ۾ موجود هو، جڏهن سندس والد کي گرفتار ڪيو ويو ته کيس والد حڪم ڪيو ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. ان سياهه دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کي آمر ضياءُ جي سازش سان ڦاسي ڏني وئي ته ڏک ۽ ڪاوڙ وچان مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز سان گڏ جدوجهد جو شروعات ڪئي، جنهن جو مقصد جابر ضياءَ کي رستي تان هٽائڻ هو. چيو وڃي ٿو ته سندن ڪن دوستن پاران ان جدوجهد سبب ’ الذوالفقار ‘ نالي تنظيم به ٺاهي وئي، ٻنهي ڀائرن پنهنجي تعليم ڇڏي آمريت خلاف للڪار ڪئي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي همدردن جي حمايت به حاصل ڪئي ، پر آمريت جي پوڄاري ضياءُ جا ارادا نه بدليا ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته کيس پنهنجي ٻنهي ڀائرن جي حياتيءَ جو فڪر رهندو هو ، انهيءَ عرصي دوران ٻنهي ڀائرن ٻن سڳين ڀينرن سان شادي ڪئي ، جيڪي نسلي طور افغاني هيون . ٻنهي کي هڪ هڪ نياڻي به ٿي . مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻيءَ جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو . 18 جولاءِ 1985ع تي شاهنواز ڀُٽو ، جيڪو فرانس ۾ رهائش پذير هو ، ان جو لاش سندس گهر مان مليو ، جنهن بابت اهو محسوس ٿيو ته کيس زهر ڏنو ويو هو، وڌيڪ ڏسو: ڀٽو شاهنواز، جنهن کان پوءِ مير مرتضيٰ اڪيلو ٿي پيو، ان حادثي بعد مير مرتضيٰ پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ سان رکيو . مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه سال جلا وطن رهيو ، ان دوران سندس شادي لبنان ڄائي غنويٰ ڀٽو سان ٿي.1993ع ڌاري هو وطن موٽيو ، سندس حمايتين هن جو ڀرپور استقبال ڪيو . ڪجهه سالن بعد سندس ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي ، پر ان اليڪشن دوران هن محترمه بينظير ڀٽو سان ڪجهه نظرياتي اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي، جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. هو نهايت جوشيلو ۽ باهمت نوجوان هو ۽ اڪثر تقريرن ۾ آمريت ۽ ناانصافيءَ خلاف کهرو لهجو استعمال ڪندو هو. جنهن سبب ڪجهه ڳجها گروهه سندس خلاف هئا، آخرڪار 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات جڏهن هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ جلسي تان موٽي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو سندن رهائشگاهه وٽ پوليس ڪڙو چاڙهيو بيٺي هئي، جنهن تي پوليس جي وحشياڻي ڪاروائي بعد انڌا ڌنڌ فائرنگ جي سلسلي شروع ڪرڻ بعد مير مرتضيٰ ڀٽو شديد زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ پهچندي ئي ساهه پورو ڪيائين ۽ هي سنڌ جو شينهن شير دل مڙس ماڻهو ارڏو پت شهيد ٿي ويو. ساڻس گڏ سندس ڇهه ساٿي به شهيد ڪيا ويا. سندس مڙهه هزارين آلين اکين سان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو لاڙڪاڻو ۾ دفنايو ويو، ان دردناڪ سانحي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي شديد تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو،ڀاءُ جي غم ۾ ورتل تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف اها سازش ڪامياب ٿي، جنهن بعد پيپلزپارٽيءَ جي ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون، مير مرتضيٰ ڀٽي جي قائم ڪيل پارٽي پ پ شهيد ڀٽو جي سربراهه سندس بيوه غنويٰ ڀٽو آهي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پنهنجي والد وانگر عوام دوستي جو جذبو انتها درجو جو هوندو هيو، هو پنهنجي والد جي اقتدار دوران ڪجهه وقت گڏ رهيو نه ته ضياءَ آمريتي دور ۾ انهيءَ کي جلاوطني ۾ وقت گذارڻو پيو، هو شام، دمشق، لبنان ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي جلاوطني جا ڏهاڙا گهاريا ۽ انهيءَ نيٺ پنهنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪشش ۽ هٻڪاءَ جي لڳاءَ ۾ رهندي جنم ڀومي سنڌ لاڙڪاڻي ۾ واپس اچي پنهنجي اباڻي گهر “ المرتضيٰ هائوس” جون رونقون بحال ڪيون ۽ انهيءَ لاڙڪاڻي شهر جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ هن مانجهي مڙس شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيڪو هڪ قدآور شخصيت جو مالڪ هيو، جنهن جو لاڙڪاڻي پر پوري سنڌ پاڪستان جي عوام دوستي جو رنگ ڍنگ انداز هڪ منفرد ۽ نرالو هيو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جلاوطني بعد پنهنجي ملڪ اچڻ سان هو اڪثر پنهنجي شهر لاڙڪاڻو ۾ رهائش پذير ٿيندي پنهنجي اباڻي گهر “ المرتضيٰ هائوس” ۾ رهڻ لڳو جنهن کان پوءِ المرتضيٰ هائوس سميت پوري لاڙڪاڻي شهر جون رونقون وڌڻ لڳيون ۽ سنڌ، پاڪستان جا سياسي معتبر حلقا توڙي انٽر نيشنل ميڊيا المرتضيٰ هائوس جي طرف تيزي سان وک وڌائڻ لڳيون ته ڪي نا سمجهه بي عقل ۽ عوام دشمن مافيائون جي اک جو ڪنڊو مير مرتضيٰ ڀٽو بنجڻ لڳو، نااهل سماج دشمن عناصرن ۽ مافيائون جي ور چڙهيل ماڻهن بهادر عوام دوست نڊر قسم جي بيباڪ اڳواڻ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي بصيرت، سياسي پلاننگ، سياسي تربيت ۽ سياسي سوچ لوچ کي ڏسي ڪانهر ۽ بزدل قسم جي ماڻهن رات جي انڌيري ۾ انهيءَ سياسي گهراڻي جي اعليٰ قسم جي قدآور شخصيت جي مٿان 20 سيپٽمبر 1996ع تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر 70 ڪلفٽن سندس جي گهر آڏو گولين جا رائونڊن جا رائونڊ کوليندي ڳڀرو جوان مانجهي مڙس مٿير شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي رت ۾ ڳاڙهو ڪيو ويو، جنهن المناڪ ڏکائيندڙ خبر تي سندس جي والدهه بيگم نصرت ڀٽو جيڪا انهي وقت قومي اسيمبلي جي ميمبر هئي ۽ ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو انهيءَ وقت ملڪ پاڪستان جي وزير اعظم هئي، انهن کي جڏهن اهڙي ڏکائيندڙ غم جي خبر ٻڌائي وئي ته انهن ٻنهي جو دماغ چڪر ۾اڇي ويو ۽ انهن کي ايتري قدر جو جتي چمپل به پيرن ۾ پائڻ جي خبر نه پئي ۽ پيرين پنڌ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي لاءِ روئينديون رڙيون ڪنديون نڪري پيون ته اسان جي ڪونڌر پٽ ڪونڌر ڀاءَ کي ڪنهن خون ۾ وهنجاريو آهي ؟، اها خبر نه رڳو انهن ٻنهي لاءِ پر اها ڏکائيندڙ ڪنهن هڪ وڏي سانحي کان گهٽ نه هجڻ واري خبر پوري سنڌ کي شديد غم ۽ غصي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هيو، جڏهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ننڍڙي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو توڙي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي گهر واري ميڊم غنويٰ ڀٽو کي اها خبر ملي ته ڄڻ انهن مٿان ڪا قيامت ڪري پئي هجي، آهه و زاري جا منظر سنڌ مٿان ڪڙڪي پيا هجن، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر تمام گهڻو بهادر سنڌ جو ارڏو پٽ هيو، هو غاضب، غدارن، لٽيرن، قوم جي دشمنن پيٽ وڏن وڏيرن ، ڀوتارن ڪرپٽ مافيائون کي هميشه وڏي واڪي بهادرانه انداز ۾ للڪاريندو ۽ گجندو رهندو هيو، هن جي ڪوڪ للڪار ۽ پڙاڏو بزدلانه سوچ جو موت هيو، جنهن ڪري هو روايتي سياست ڪرڻ بجاءِ عملي سياست ۾ يقين رکندو هيو ۽ امر ڪردار بڻجندي ڪانئر قسم جي ڊنل سياسي رانديگرن ڊرامي بازن کي مات ڏيندي پاڻ هميشه لاءِ امر بڻجندي سنڌ کان 20 سيپٽمبر 1996ع تي جدا ٿي ويو پر سندس جا پيروڪار جانثار سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ نگر نگر ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن، ڇاڪاڻ ته سچ، حق سونهن ۽ سرهاڻ کي مات نٿي اچي سگهي، هو سدائين امر آهن انهن جي سوچ لوچ سياسي ڪردار قومن جي هڪ مثالي ڪردار بڻجي وڃي ٿو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو شهادت وقت ڄڻ ته چئي ڏنو هجي ته “ مين سمجهتا هي نهرن تجهي اپنا مد مقابل ، تو فضول مين ميرا دشمن بنا پهرتا هي”. قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا. اهڙي طرح مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد جا قاتل رهزن بزدل پنهنجي موت پان منطقي انجام ڏانهن ايندا رهيا آهن ۽ انهن وحشي پڻي جي بدبودار مافيائون جو موت به هڪ سفاڪ قسم جي وحشي درندي جيان ٿيڻ پيو وڃي ۽ قدرت جا قانون اٽل هجن ٿا. جڏهن ته شهيد جي رت جي ڦڙي ڦڙي حساب ٿيندو. جنت جي سردار حضرت سيدنا مولا حسين رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو ته “ظالمن سان گڏ رهڻ بذات خود هڪ وڏو ڏوهه آهي”، جهڙي طرح ڪامريڊ چي گويرا چيو ته “ ظلم ايترو برو ناهي جيتري اوهان جي خاموشي جيڪڏهن اڄ ڳالهائڻ نه سکيو ته اوهان جا ايندڙ نسل به گونگا پيدا ٿيندا”.غلط کي غلط کلي ڪري چئو ڇاڪاڻ ته تاريخ هميشه ٽڪرائيندڙ وارن جي لکي ويندي آهي، تلوا چٽڻ وارن جي نه لکي ويندي آهي”. تاريخ جو تسلسل هميشه اهي ئي رهندا آهن جن ۾ جرئت بهادري نيڪ نيتي همت حوصلو ۽ ارڏائپ هوندي آهي. ٽيپو سلطان تڏهن ته چيو ته ؛ گدڙ جي سئو سالا زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي. شهيد مير مرتضي ڀٽو به عاليشان بادشاهي گهراڻي جو نازڪ ۽ نرالو فرد هيو جنهن جو پوري دنيا جي تاريخ نٿو ملي سگهي هو بهادر جرئت مند بيباڪ عوام جي ڏکن، دردنن جو اهڙو درمان ۽ مرهم هيو جنهن جو مثال ڪٿي نٿو ملي هو توڙي جو سڄي زندگي جلاوطني ۾ گذاري پر انهيءَ هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ ماتر ڀومي سنڌ سان نينهن نڀائڻ جو انداز وساري نٿو سگهجي. مڙس ماڻهو اهڙو جو ڪائنر بزدل نالي وٺڻ سان خوفزده بڻجي ويندا هئا. ائين کڻي چئجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پٽ شهيد مير مرتضي ڀٽو به اڻ مٽ اعلي پائي جي شخصيت هيو. حالتن پٽائيندڙ فيصلا جيڪڏھن هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ به تاريخ ۾ هڪ مظلوم گهراڻي ڀٽو خاندان کي انصاف ڏياري ته جيڪر منصف جو ڪمال درجي جو انصاف پسندي تي ٻڌل فيصلو لکيو ويندو جيڪو صدين تائين لکيو ۽ ڳايو ويندو انهي انصاف تي مبني فيصلي سان نه صرف سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن کي دلي خوشي ۽ مسرت ٿيندي پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙن کي شاندار خوشخبري ملڻ لڳندي. مجهه پر تحقیق میري بعد ڪري گي دنیا، مجھ ڪو سمجھین گي میري بعد زماني والي. شهيد مير مرتضي ڀٽو به ائين هيو جو انھي پويان غدار جابر ملڪ جا ويري ٽان ٽان ڪندا رهيا. ائين کڻي چئجي ته : سچا آدمي اس فقیر ڪي طرح هوتا هي، جسي روزانه ڪئي ڪتون ڪس سامنا ڪرڻا پڙتس هي. ملڪ جو عوام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عزت ماب جسٽس صاحبان کان مطالبو ٿو ڪري ته شهيد مير مرتضي ڀٽو جو جوان مرد ڳڀرو رت ۾ ٻڏل تڙپندڙ لاش انصاف ٿو گهري. اميد آهي ته انصاف تي مبني فيصلو ڪري ملڪ جي عوام سميت ڀٽو خاندان کي انصاف ڏنو ويندو. شهيد مير مرتضي ڀٽو جي شاندار مڙس ماڻهو واري عوامي شخصيت کي 29 سال گذرڻ باوجود اڄ به سنڌ جو شعوري عوام شدت سان ياد ڪري ٿو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي رت خون مان پيدا ٿيل شهيد مير مرتضي ڀٽو جا چاهيندڙ سنڌ جي وستي واهڻ نگر نگر ۾ بي انداز انهيءَ ڪري وڏي تعداد ۾ موجود آهن جو هو پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان بهادر سچو کرو ۽ نيڪ نيت مخلص جذبي سان سرشار شخصيت جو مالڪ هيو، شھيد مير مرتضي ڀٽو جي ساڳئي عوامي خدمت ڪرڻ جي جذبي سان سرشار سندن جي اولاد ۾ محترمه فاطمه ڀٽو ۽ شير دل جوان جونئير ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي بيهڪ عوامي رابطا مهم شاندار انداز ۾ جاري و ساري آهي. ٻنهي جي هر روز هر نئين عوامي خدمت ڏانهن وک هلندڙ آهي ۽ سنڌ جو عوام اميد ڪري رهيو آهي ته اصل ذوالفقار علي ڀٽو جو پوٽو ڀٽو خاندان جو پڳدار جونئير ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي سنڌ، پنهنجي عوام مارو ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتو ته ضرور وڏي سوڀ ۽ ڪاميابيون ماڻيندو.