ملير: قومي شاهراهه تي پل نه هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل، رهواسين جو احتجاجي ميڙاڪو

ميڙاڪي ۾ مختلف معاملن تي غور، سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي طرفان احتجاجي ڌرڻي جو اعلان

ملير: قومي شاهراهه تي پل نه هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل، رهواسين جو احتجاجي ميڙاڪو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته سوسائٽي کي آباد ڪرڻ بدران اجاڙڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب رهواسي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. رهواسين مطابق سڀ کان وڏو مسئلو قومي شاهراهه تي پيڊسٽل برج جي غير موجودگي آهي، جنهن سبب روڊ ڪراس ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو ٽرئفڪ حادثن ۾ فوت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ان سلسلي رهواسين جو احتجاجي ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ رهواسين ملير انتظاميا سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مذمت ڪئي ميراڪي بعد سوسائٽي اڳواڻ چيئرمين مسرور قاضي، جنرل سيڪريٽري ناصر رضا رند، شوڪت جمالي، ڪئپٽن علي محمد ڀاڻوجو ۽ محمد فهد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ ملير ٽائون جي انتظاميا کان پل تعمير ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو اهي پر ڪنهن به ذميوار ڌر سندن آواز تي ڌيان نه ڏنو.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجا حق احتجاج وسيلي حاصل ڪجن ڇو ته خواهشون ۽ اپيلون ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. هنن اعلان ڪيو ته قومي شاهراهه تي پيڊسٽل پل جي تعمير تائين جلد تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ سان محبت رکندڙ ساڃاهه وند، اديب، وڪيل، صحافي ۽ ڪراچي جي مالڪي جا دعويدار ڌريون شامل ٿين.اڳواڻن چيو ته اسان روز حادثن ۾ پنهنجن پيارن جا لاش کڻي ٿڪجي پيا آهيون، هاڻي وڌيڪ صبر نه ڪنداسين ۽ مزاحمت ڪنداسين.