سياسي عوامي ڪمانڊر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سرخ سلام...!!

وفا سانوڻ نوحاڻي/ڪڙيو گهنور

سياسي عوامي ڪمانڊر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سرخ سلام...!!

سنڌ ڌرتيءَ ھڪ اھڙي عظيم ڌرتيءَ آهي جنهن جي ڪک مان ھميشه عظيم ڪردارن بھادري جو مثال قائم ڪندڙ انقلابي عوامي ماڻھن جنم ورتو آهي جيڪڏهن اسان اسلام جي تاريخ بيان ڪيون ۽ اسلام جي سربلندي جي لاءِ جدوجھد قربانين جو ذڪر ڪنداسين ته پوءِ حضرت علي عليه السلام جي اولاد امام حسين عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جي لازوال مثال بڻيل قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻي پوندي انھيءَ کي سرخ سلام پيش ڪري ھڪ سچي دين دار جو ثبوت پيش ڪرڻو پوندو جئين دين جي لاءِ ڏنل حضرت علي عليه السلام جي اولاد جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي ته پوءِ اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ وطن پاڪستان جي سلامتي۽ سياست جي سر بلندي جي لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي خاندان جي قربانين کي به وساري نه ٿو سگهجي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام مسلم دنيا جھموريت آئين انساني حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ ھن عظيم خاندان پنهنجي ھزارين پيروڪارن سان گڏ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ھڪ اھڙي تاريخ رقم ڪئي آهي جيڪا سندس دشمنن جي دلين تي به سواليه نشان بڻيل آهن.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ھن موڀي پٽ محترم مير مرتضي ڀٽو جي قرباني۽ تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار کان دنيا واقف آهي ڀٽو خاندان کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ مون جھڙي ننڍڙي قلمڪار کي ملڻ مشڪل آھن اھڙن ڪردارن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جي لاء ليکڪ ھميشه اڻ ملھ لفظن جو سھارو وٺي ارپيندا آهن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر 18 سيپٽمبر 1954ع ۾ جنم وٺندڙ ھي عظيم ڪردار مير مرتضي ڀٽو جي نانء سان دنيا ۾ مشهور سياستدان ۽ انقلابي ڪمانڊر بڻجي ويو مير مرتضي ڀٽو جي باري۾ ته دنيا ڄاڻي ٿي پر سندس سياسي تاريخ انقلابي ڪمانڊر وارو ڪردار کي سمجهڻ پرکڻ جي ضرورت اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي مير مرتضي ڀٽو شاھنواز ڀٽو ۽ سندن وڏي ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد سميت ھزارين ڀٽو ازم جي پيروڪارن سان گڏ شھادتون ماڻيندڙ تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار آهن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي جھموري آئيني حڪومت کي جڏهن جرنل ضياء الحق ڊڪينٽرشپ جي ذريعي راتاھو ھڻي ختم ڪيو 5جولائي 1977 تي ته پوءِ انھيءَ وقت وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي فوج گرفتار ڪري ڪوھ مري آرمي ريسٽ هائوس منتقل ڪيو ۽ ڀٽو صاحب جي خاندان کي وزيراعظم ھائوس مان 70 ڪلفٽن واري گھر منتقل ڪيو ويو ملڪ۾ آمريت مسلط ڪيل ھئي آئين ٽوڙي آمريت لاڳو ڪئي وئي ھئي.
انھيءَ جي دوران ڀٽو خاندان کي سياست جي ميدان۾شامل ٿيڻو پيو بيگم نصرت ڀٽو ۽ سندس اولاد ضياءُ الحق جي مارشلا جي خلاف جدوجھد جو فيصلو ڪري ميدان تي نڪرڻ مناسب سمجهيو ته مير مرتضي ڀٽو پنهنجي پھرين سياسي سرگرمي جو آغاز 14 آگسٽ 1977ع تي المرتضي ھائوس لاڙڪاڻي۾ سپاف جي ضلعي ڪنوينشن جي صورت۾ڪيو بعد۾ ذوالفقار علي ڀٽو عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد 13 سيپٽمبر تي آزاد ڪيو ويو پر ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو کي شايد سياسي طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ء کيس ٻيھر 17 سيپٽمبر 1977ع تي رات جو المرتضي ھائوس لاڙڪاڻي مان فوجي دستن ھٿان گرفتار ڪرايو انھيءَ وقت ذوالفقار علي ڀٽو ضمانت ملڻ بعد فيملي سان عيد ملھائڻ جي لاءِ لاڙڪاڻي۾ ھيو پوءِ ايترو ته ضياءُ الحق جي مارشلا نافذ ٿيڻ بعد ظلم بربريت وحشيت دھشت جو رياستي راڄ نافذ ڪيو ويو سياسي ڪارڪنن کي سري عام گرفتار جيل ڦٽڪا ڦاهيون ڏيڻ گولين جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو ضياء الحق جي خاتمي سان ئي ختم ٿيو .
ائين ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند مير مرتضي ڀٽو ۽ شاھنواز ڀٽو صاحب جلاوطنيءَ اختيار ڪري بين الاقوامي سطح تي ضياءُ الحق جي مارشلا کي للڪارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان۾رهي سياسي آئيني جھموري تحريڪن جي ذريعي جدوجهد ڪئي نيٺ وحشي آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ڏاڍ ء طاقت جبر جي ذريعي عدالت وسيلي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي ھڪ ڪوڙي ڪيس۾ 4 اپريل 1979ع ڦاسي ڏياري شھيد ڪرائي ڇڏيو ته پوءِ سياست ڏوھ بڻجي وئي ڀٽي صاحب جي شھادت جي بعد ھڪ فيملي مٽينگ ٿي ھئي جنھن۾ڀٽو خاندان ھيو بيگم نصرت محترمه بينظير مير مرتضي شاھنواز ۾ جدوجهد جي طريقي ڪار تي سخت جذباتي بحث ڪيو ويو جنهن۾بيگم نصرت ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو جو خيال هو ضياءُ الحق جي مارشلا خلاف سياسي جدوجھد ڪئي وڃي لانگ مارچ ڌرڻا هڙتالون بک ھڙتالن کان ويندي جيل ڀريو تحريڪ ھلائي ضياءُ الحق کي عوامي طاقت سان ھٽايو وڃي پر مير مرتضي۽ شاھنواز ڀٽو جو خيال مختلف ھو ته ضياءُ الحق کي طاقت سان ھٽايو وڃي کيس سبق سيکارڻ گهرجي محترمه بينظير ۽ ڀائرن جي وچ گرما گرم بحث چون ٿا ته ٿيو ھئو ته مير ۽ شاھنواز چيو ته ضياءُ الحق ظالم وحشي انسان آهي
ھن کي صرف ھتيارن جي زور تي شڪست ڏجي جڏهن محترمه چيو ته ائين ڪرڻ سان ضياءُ الحق کي طاقت جو استعمال جو جواز ملندو پاڪستان۾ لکين بي گناھ ڪارڪنن کي شهيد ڪرائي ڇڏيندو دھشتگرد قرار ڏئي جھموريت آئين جي ذريعي احتجاج ڪرڻ کپي جنهن تي ڀائرن کيس چيو ته ادي ضياءُ الحق ڇا سمجھي جھموريت آئين مان ڇا بابا سائين جي حڪومت آئين تحت ختم ڪيائين بابا کي گرفتاري کان جيل ۾ ڦاسي ڏيارڻ تائين ڪھڙو ڪردار ڪردار ضياءُ الحق جو آئيني آهي ملڪ۾ خوف مارشلا نافذ ڪھڙي آئين تحت آهي جو اسان غير آئيني طريقي سان جدوجهد ڪيون ٿا جڏهن آئين آهي ئي ڪونه ته آئين ڇاجو آئين جھموريت مان ڇا ڄاڻي ضياءُ الحق محترمه بينظير چيو ته ائين ڪرڻ سان ويچارا غريب مسڪين مظلوم ماڻهن کي مارڻ جو ضياءُ الحق کي لائسنس ملي ويندو اسان ائين نٿا ڪري سگهون پرامن عوامي جھموري تحريڪن سان ضياءُ الحق جي مارشلا جو خاتمو ڪري آئين قانون جمهوريت بحال ڪرائينداسين.
انھيءَ وقت باخبر ذريعن موجب ته مير مرتضي ۽ شاھنواز ڀٽو انھيءَ دوران جذباتي ٿي ويا چوڻ لڳا ته ادي اسان وڌيڪ ڪو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار ناھيون اسان فيصلو ڪيو آهي ته ضياءُ الحق کي جوتا ھڻي لاھي ڇڏينداسين باقي مظلوم عوام کي ته روزانو ھونئن به ماريو جيلن۾قيد ڪيو پيو وڃي گھرن کي ساڙيو پيو وڃي ڦٽڪا ڦاهيون ڏنيون ويون آهن باقي ڪھڙو ظلم بربريت وحشيت رھيل آھي جو ضياءُ الحق ڪندو اسان کي ڪابه پرواهه ناهي امان۽ توهان وڃي سياسي تحريڪ ھلايو باقي اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته گوريلا جدوجهد ڪنداسين بعد۾ھنن ضياءُ الحق جي مارشلا خلاف مسلح جدوجھد جو فيصلو ڪيو ۽ انھيءَ ڏينھن کان سياسي راھون الڳ ٿي ويون
پوءِ انقلابي ڀائرن پاڪستان لبريشن آرمي جوڙي شروعات ڪئي اھا ايتري تنظيم مشهور نه ٿي سگهي پر تاريخ جي دري مان ھڪ اھڙي لاٽ ٻرندي نظر آئي جنهن جھر جھنگ دنيا ۾ مير مرتضي ڀٽو کي انقلابي ڪمانڊر طور مشهور ڪري ڇڏيو جڏهن 2 مارچ 1981ع تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز، پي آء اي جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر جھاز جنهن۾ 145 مسافر سوار هئا کڻي وڃي رھيو ھو جھاز ڊيره اسماعيل خان جي مٿان فضائن۾ ھاء جيڪرن جي ھٿان ھاء جيڪ ڪيو ويو ۽ پوءِ اھيو ھڪ ڊگھو داستان آهي پر اھو جھاز ھاء جيڪرن پھرين افغانستان جي شھر ڪابل۾ لاٿو جنهن جي ذميواري الذوالفقار تنظيم قبول ڪئي جڏهن ته ھاء جيڪرن جا مطالبا جيڪي ھئا
1 ھڪ ضياءُ الحق آقتدار کان الڳ ٿي وڃي 2 جھموريت آئين بحال ڪري چونڊون ڪرايون وڃن 3 ملڪ ۾ قيد سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن جڏهن ته ضياءُ الحق سرڪار سندن مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ھاء جيڪرن پنهنجي سچاڻپ به ڪرائي ڇڏي جن جو اڳواڻ سلام الله ٽيپو ھيو۽ ساڻس جمال ناصر ۽ ارشد علي گڏ ھئا جديد ھتيارن سان ليس ھئا مطالبا نه مڃڻ جي صورت۾جھاز کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا ھئا نيٺ افغان سرڪار پاڪستان سرڪار۽ ھاء جيڪرن سان رابطي۾رھي پر جڏهن ته ضياءُ الحق ضد تي ھئو ته ضياءُ الحق جي سرڪار سچاڻپ جي بعد انهن جي والدين۽ امڙين کي زبردست ڪابل موڪلي جھاز آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو جڏهن والدين ڪابل پهتا ته چون ٿا ته افغان سرڪار جڏهن ھاء جيڪرن کي ٻڌايو ته انهن موٽ۾چيو ته ھن جو پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ماء نصرت ڀٽو آھي باقي ڪو به وارث ناھي نه ئي ڪنهن سان ملنداسين ھا ملنداسين ته صرف ھڪ ئي مير مرتضي ڀٽو سان ء حڪم به ان جو مڃينداسين نيٺ افغان سرڪار سندن رابطو مير سان ڪرايو ته انھيءَ جلد بازي نه ڪرڻ مسافرن کي نقصان نه پھچائڻ جو حڪم ڏنو
ايتري۾ھاء جيڪرن کي ڪٿان ڪا معلومات ملي ته جھاز۾ ھڪ شخص سوار آهي جيڪو ڀٽي صاحب جو ملٽري اي ڊي سي رھندڙ ڪيپٽن طارق رحيم به آهي جيڪو ضياءُ الحق جو مخبر ھيو پوءِ ھاء جيڪرن انھيءَ جي سچاڻپ بعد سيٽ تان اتاري گوليون هڻي قتل ڪري سندس لاش جھاز مان رن وي تي اڇلائي ٻين مسافرن کي به قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ء ڳالھين دوران باقي مطالبن تان ھٿ کڻي 54 قيدين جي فھرست فائنل رکي پوءِ دنيا جي دباءُ سبب افغان سرڪار ھاء جيڪرن کي ڪابل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ ھاء جيڪرن جھاز کي ليبيا آندو پر اتي به کين لھڻ نه ڏنو ويو ء ايتري م جھاز جو تيل ختم ٿيڻ تي ھئو ته انساني ھمدردي جي بنياد تي کين يونان ۾ لھڻ ۽ تيل ڀرائڻ بعد واپس وڃڻ جي شرط تي جھاز لاٿو ويو تيل ڀرائڻ جي بعد جھاز کي ھاء جيڪرن شام جي شهر دمشق۾ پھچايو جتان بعد۾ ضياءُ الحق سرڪار سندن آڏو گوڏا کوڙي 54 قيدين کي آزاد ڪري دمشق پھچايو جن۾ ناليوارا سياسي ڪارڪن شامل ھئا جن کي آمريت جي ڪاري دور جي خلاف جدوجھد جي ڏوھ۾سنگين الزامن تحت قيد ڪيو ويو ھئو ۽ ھي دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي تاريخي ھاء جيڪنگ ھئي جنھن ۾ ھڪ مسافر جھاز کي 145 مسافرن سميت ڏھ ڏينهن قيد رکيو ويو ائين مير مرتضي ڀٽو دنيا جي دلين تي راڄ ڪندڙ سياسي ڪارڪن بڻجي ويو
بس نيٺ وقت بدلجي ويو جرنل ضياء الحق به فضائي حادثي جو شڪار بڻجي ويو۽ ملڪ۾ سندس دھشت بربريت وحشيت جبر ظلم جي ڪاري دور جو خاتمو ٿي ويو ملڪ۾ جھموريت بحال ٿي وئي پوءِ وقت جي رفتار سان فيصلا تبديل ٿيڻ لڳا مير مرتضي ڀٽو تي ضياءُ الحق جي مارشلا م الائي ڪيترا ڪيس داخل ٿيل ھئا ملڪ۾ اليڪشن جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان بڻجي وئي مگر مرتضي۽ بينظير جون سياسي راھون ڪيترائي سال پھريان جدا ٿي چڪيون هيون باقي بيگم نصرت ڀٽو ئي رابطن جو ذريعو ھئي جڏھن بينظير وزير اعظم تي 1989ع تي شام جي صدر حافظ الاسد جي دعوت تي دمشق پھتي ء دمشق۾حضرت بيبي زينب سلام جي روضي پاڪ تي حاضري بعد رات جي ماني مير مرتضي ڀٽو سان گڏ کاڌي اھيا ملاقات ڪافي عرصي بعد ٿي ھئي پوءِ وري جڏهن 1993ع جي اليڪشن ٿي ھئي ته مير مرتضي اليڪشن۾حصو وٺڻ سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته محترمه سندس سياسي الڳ پارٽي ٺاهڻ ۽ انهن حالتن۾ پاڪستان اچڻ جي مخالفت ڪئي ته پاڪستان ۾ توهان تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن اتي ضياء الحق جي پيداوار موجود آهي توهان کي خطرا لاحق ٿي سگھن ٿا پر مرتضي ھر حال۾اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ء پي ايس 31 لاڙڪاڻي تان ميمبر سنڌ اسيمبلي چونڊجي ويو ء محترمه بينظير ڀٽو اليڪشن کٽي ملڪ جي وزيراعظم ٿي وئي ته بيگم نصرت ڀٽو مرتضي ڀٽو جي واپسي جي لاءِ جاکوڙ ڪئي سرڪاري ادارن وزيراعظم سان رابطي۾رھي راھموار ڪئي نيٺ مير مرتضي ڀٽو وطن واپسي جو اٽل فيصلو ڪيو جنهن جي مطابق 3 نومبر 1993ع تي ڪراچيءَ ائيرپورٽ تي پهچڻ سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو ء کيس ائيرپورٽ تان گرفتار ڪري کيس لانڍي جيل ڪراچيءَ۾قيد ڪيو ويو دوران قيد ئي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻايو ويو ء پوءِ ڪجهه وقت جيل۾رھڻ کانپوءِ سنڌ ھاء ڪورٽ مان ضمانت ملڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو
جئين ئي آزاد ٿيو ته پوري ملڪ۾رابطا مهم شروع ڪري ڏنائين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ۾ عوامي جدوجھد شروع ڪري ڏنائين ڀٽو ازم جي نظريي جي مطابق وڏيرن سردارن جاگيردارن سرمائيدارن کي للڪارڻ شروع ڪيائين زبردست عوامي موٽ ملڻ لڳي ته محترمه بينظير ڀٽو انھيءَ دوران ساڻس ملڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون بيگم نصرت ڀٽو ذريعي پيغام ڏياريو ته جيل ۾ ملڻ اچجان ته سيڪيورٽي سميت ڪافي اشوز ملاقات ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن تنهنڪري جيل جي وزٽ جي بھاني اچي ملاقات ڪيان پر مرتضي ڀٽو چيو ته ادي بينظير کي تڪليف نه گھرڻ گھرجي جڏهن ته ھڪ موقعي تي بينظير ڀٽو کيس پيرول تي آزاد ڪرڻ جو پيغام موڪليو ته به چيائين نه انھيءَ سان غلط تاثر ويندو آئون عدالت ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو
بس ائين ملاقات نه ٿي رھيون ھيون ته نيٺ بينظير صاحبه کيس خط لکي ملاقات جي دعوت ڏني جيڪو کيس پشاور۾مليو ته اتان ئي بينظير صاحبه سان ملڻ جي لاءِ سڌو وزير اعظم ھائوس اسلام آباد ۾ پھتو اھيا ڀاء ۽ ڀيڻ جي ملاقات 7جولائي 1996ع ۾ تي ھئي جيڪا ستن 7سالن جي تحويل عرصي بعد ٿي ھئي۽ انھيءَ ملاقات ۾ تمام خوشگوار ھئي ماني گڏجي کاڌي ھئي ذاتي سياسي حال احوال ڪيا ويا تمام عزت احترام سان ھي ڀاء ڀيڻ جي ملاقات ھڪ سنگ ميل قرار ڏني پئي وئي ته شايد ڀٽو خاندان جي دشمنن ضياء الحق جي باقيات کي اھيا ڳالهه پسند نه آئي ء پوءِ ٿوري عرصي جي بعد 20 سيپٽمبر 1996 ع ۾ کيس ھڪ جڙتو مقابلو ڄاڻائي کيس شھيد ڪيو ويو ء محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت۾ ئي سندس گھر جي سامھون شھيد ڪيو ويو محترمه بينظير ڀٽو ان وقت وزير اعظم پاڪستان ھئي ء محترمه بينظير ڀٽو۽ ڀٽو خاندان جي سياسي سماجي دشمنن مير مرتضي ڀٽو جي قتل جو الزام محترم آصف علي زرداريءَ سيد عبدالله شاهه ۽ نصير الله بابر تي ھڻي سياست شروع ڪري ڇڏي محترمه بينظير ڀٽو مير مرتضي ڀٽو جي قتل جي واقعي جي جاچ جي لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم کي گھرائي جاچ شروع ڪرائي
جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مير مرتضي جي چاليهي جي موقعي تي راولپنڊي جي جلسي۾سموريون سازشون بي نقاب ڪيون ته بعد۾سندس حڪومت کي سازشن جي ذريعي ختم ڪئي وئي ء مير مرتضي ڀٽو ھڪ بھادر بيباڪ سياستدان ھئو ھوء سرمائيداري جاگيرداري سرداري نظام جي خلاف سخت موقف اختيار ڪندڙ بھادر وفادار ليڊر ھئو ڀٽو خاندان جي تاريخ رھي آھي ته ھنن سوديبازي ڪرڻ جي بجاءِ اکيون اکين۾ملائي جئيڻ سکيو آهي۽ ڪنڌ جھڪائڻ جي بجاءِ ڪنڌ ڪٽائڻ سکيو آهي ڀٽو خاندان جي جھموري عوامي سياسي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي انھيءَ عظيم ڪردارن جي خلاف سازشون ھر سطح تي ٿينديون آهن اڄ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي وچوڙي جي گھاء کي 29 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي پر ڀٽو ازم جي پيروڪارن جي لاءِ اڄ به زخم تازا آهن اسان شھيد مير مرتضي ڀٽو۽ سندس قافلي جي سٿ جي سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا مير مرتضي جھڙو سياسي ء انقلابي ڪمانڊر صدين۾ جنم وٺندا آهن ۽ صدين تائين عوامي دلين تي راڄ ڪندا رھندا آھن اڄ تائين ڀٽو خاندان جا دشمن ملڪ توڙي ڀٽو ازم جا دشمن اڄ تائين اھڙين سازشن۾ رڌل آهن جيڪي پيپلزپارٽي توڙي ڀٽو خاندان جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي،جھموريت آئين جي بحالي لاءِ وطن دشمنن سان مھاڏو اٽڪائڻ خاطر ٻٽو ازم ھر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي