سياسي، سماجي، صحافتي ۽ شھري حلقن جي تعزيت جي لاءِ سروپ سنگھ راٺوڙ ھائوس تي آمد جو سلسلو جاري
عمرڪوٽ ( ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي اڳوڻي سپرينٽنڊنٽ سيشن ڪورٽ پرتاب راءِ سنگھ راٺوڙ جي ديهانت تي سندس تڏي سروپ سنگھ راٺوڙ ھائوس تي تعزيت لاءِ سياسي، سماجي، صحافتي ۽ شھري حلقن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، تفصيل موجب چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي، رسول بخش رحيمداڻي، مولانا نظر محمد درس، ڊي سي آفيس پي اي مشتاق علي ڪنڀر، تيرٿ ساجن ميگھواڙ، نوجوان صحافي سورج ڪمار مالهي سميت وڏي تعداد ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين سروپ سنگھ راٺوڙ ھائوس پھچي مرحوم جي ننڍن ڀائرن چندن سنگھ راٺوڙ، پيپلز پارٽي انفارميشن سيڪريٽري ضلع عمرڪوٽ گھنشام سنگھ راٺوڙ، پونجراج سنگھ راٺوڙ ۽ ٻين عزيزن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ گھري ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي ڪندي چيو ته مرحوم پرتاب راءِ سنگھ راٺوڙ ھڪ بهادر، اصول پرست ۽ انسان دوست شخصيت ھو، جيڪو دوستن ۽ سنگتن لاءِ سدائين يار ۽ مددگار رھيو، ھن چيو ته راٺوڙ ھائوس ۾ سدائين ڪچھريون ھونديون ھيون جتي مرحوم محفلن جي زينت بڻبو ھو، رسول بخش رحيمداڻي وڌيڪَ چيو ته سرڳواسي سروپ سنگھ راٺوڙ کي به علائقي جا ماڻھون پنھنجو وڏو سمجھندا ھئا، راٺوڙ خاندان بجير پاڙو، خاصخيلي پاڙو سميت سموري علائقي ۾ خدمت، مھمان نوازي ۽ اصول پسندي لاءِ سڃاتل آھي، شھر جي سياسي ۽ سماجي حلقن پرتاب راءِ سنگھ راٺوڙ جي ديهانت کي علائقي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي سندس خانداني خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
0 تبصرے