ٺٽو: سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

مرمت نه ٿيڻ ڪري بچاءَ بند جي صورتحال خراب، بند کي هنڌان هنڌان گهارن جو خطرو

ٺٽو: سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌو درياء ۾ پاڻي جي چاڙھ سبب انتظاميا اگھور ننڊ ستل انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽ لاپرواھي سبب درياء ۾ لڳل پاڻي جي ماپ وارو 14 فوٽن واري پيلر مطابق ھن وقت بي يو بچاء بند گليل تي درياء جو پاڻي 9 فوٽ کان ڪراس ڪري ويو آھي ڪچي جي ڳوٺ ولي محمد خشڪ مير حسن خشڪ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي اچڻ سبب ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آھن ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت بي يو بچاء بند ۽ ٻين جڳھن تي چوپائي مال سميت ٻاھر نڪرڻ لڳا آھن بندن جي مرمت نه ٿيڻ سبب بي يو بچاء بند جي انتھائي ڳڻتي جوڳي واري صورتحال بڻجي وئي آھي بند جي مرمت نه ٿيڻ سبب بند ۾ ڏار پئجي ويا آھن جنھن سبب بند ڪافي جڳھن تي ڪمزور نظر اچي رھيو آھي بند کي ھنڌان ھنڌان ڏار پوڻ سبب ٻوڏ جي صورت ۾ بند کي ڪنھن به جڳھ تان ٽٽڻ جا امڪان آھن تازين برساتن پوڻ سبب بند کي پيل کڏا ۽ روڻيون ھجڻ ڪري بند انتھائي خطرناڪ ثابت بئجي سگهي ٿو جنھن سبب انتظاميا جي ٿوري به غلطي ۽ عدم دلچسپي سبب امڪاني ٻوڏ ٿيڻ جي صورت ۾ ساحلي پٽي لا۽ خطرو لاحق ٿي سگھي ٿو جڏھن ته سب انجنيئر امجد شيخ ٻڌايو ته بند انتھائي مظبوط آھي بند کي ڪو به خطرو ناھي ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پاڻي پھچڻ ۾ اڃان پنج ڇھ ڏينھن لڳي سگھن ٿا ان کي مڙي تعنات ڪيو ويو آھي سڄي زميواري اسٽور ڪيپر نظير ولھاري حوالي ٿيل آھي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ڊي او ۽ انجنيئر ڪنھن ٽائيم ايندا آھن معائنو ڪري ھليا ويندا آھن اگھور ننڊ ستل انتظاميا جي ڪن تي جونء نه به ٿي سري انتظاميا کي گھرجي ته سنڌ سرڪار طرفان امڪاني ٻوڏ سبب لڳل ايمرجنسي دوران جوڳا قدم کڻي بند جي مرمت واري ڪم کي تيز ڪندي بند کي مظبوط بڻايو وڃي امڪاني ٻوڏ سبب بند کي لڳل روڻيون ڏار ۽ بند کي پيل کڏا ھجڻ ڪري پاڻي وڌڻ سبب بند کي ڪٿان به ٽٽڻ جا خدشا ٿي سگھن ٿا جڏھن ته اھڙي صورتحال مان معلوم ٿئي ٿو ته بند جي نگراني واري ذميواري ڪجھ بيلدارن ۽ چند داروغن کي سونپي وئي آھي بيلدارن جو چوڻ آھي ته انتظاميا طرفان سندن ڪي به سھولتون مھيا نه ڪيون ويون آھن ھنن جو چوڻ آھي ته انتظاميا نه انھن کي ڀتو ڏئي پئي ۽ نه ئي خرچ پکو ڏنو وڃي ٿو ھنن ٻڌايو ته پاڻي جو ڪولر ٿرماس ۽ ھنڌ بسترو به ھو پنھنجي گھران کڻي آيا آھن ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ماني ۽ چانھ به ھنن کي ڀر پاسي وارا ڳوٺاڻا کارائيندا آھن بندن تي رھڻ سبب ھنن کي اڃان تائين مليريا کان بچڻ لا۽ مڇر دانيون به فراھم نه ڪيون ويون آھن سھولتن جي اڻ ھوند سبب ھو بندن تي مشڪل واري صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آھن مڇرن جي آزار سبب ھو ويھي راتيون گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن ڊي سي ٺٽو سميت اعليٰ اختيارين کي گھرجي ته فورن بيلدارن ۽ داروغن کي ضرورت واريون شيون ميسر ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن ھو پنھنجي ڊيوٽي صحيح نموني سر انجام ڏئي سگھن ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ سرڪار کي گھرجي ته انتظاميا کي ايمرجسني دوران پابندي سان ھدايت ڪئي وڃي ته انتظامي مشنري سميت انتظاميا کي بندن تي رھڻ جو پابند بڻائڻ سان گڏ مرمت واري ڪم تيز ڪرائي بندن کي مظبوط بڻايو وڃي جيئن امڪاني ٻوڏ سبب ساحلي پٽي لا۽ بچاء بند نقصان ڪار ثابت ٿيڻ بجاء ڪارا آمد ثابت ٿي سگھن جنھن سبب امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ ساحلي پٽي جي علائقن لا۽ خطرو لاحق ٿيڻ بجاء جڏھن ته ساحلي پٽي جا ماڻھو مشڪلاتن جي صورتحال کان بچي سگھن ـ