جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي تيزي سان وڌندڙ عوامي مقبوليت ۽ نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان پيپلزپارٽي جي صفن ۾ ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي. پارٽي جا اڳواڻ پنهنجن نجي محفلن ۾ به ان خدشي جو اظهار ڪن ٿا ته ڀٽو خاندان مان هڪ نئون سياسي سيٽ اپ پيپلزپارٽي لاءِ سنجيده چئلينج بڻجي سگهي ٿو.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري جي امير بخش خان ڀٽو سان اڄوڪي ملاقات به انهي پسمنظر ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 20 سيپٽمبر تي جونيئر ذوالفقار پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان گڏ پنهنجي والد جي ورسي جي موقعي تي نئين پارٽي جو اعلان ڪندو. فاطمه ڀٽو به پنهنجي مڙس سان گڏ پاڪستان پهچي چڪي آهي، جڏهن ته جونيئر ذوالفقار روزانو بنيادن تي مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون جاري رکيون ويٺو آهي.
پيپلزپارٽي جي مقامي ۽ مرڪزي قيادت کي خبر آهي ته جيڪڏهن جونيئر ذوالفقار رتوديرو جي تڪ تان چونڊ وڙهندو ته صورتحال ڏکي بڻجي سگهي ٿي. اهو تڪ سدائين سخت مقابلي ۽ ڏکيائن باوجود پيپلزپارٽي کٽيندي رهي آهي، پر هاڻي هڪ وڌيڪ مضبوط اميدوار جي اچڻ سان پارٽي لاءِ پريشاني وڌي سگهي ٿي.
تعلقي رتيديري ۾ ماضي ۾ به پيپلزپارٽي کي سخت مقابلا ڪرڻا پيا آهن، جتي ممتاز علي ڀٽو سدائين پنهنجي پٽ امير بخش خان ڀٽو کي پيپلزپارٽي خلاف ميدان ۾ لاهيندو رهيو.
مقامي قيادت جي صلاح تي هاڻي پيپلزپارٽي امير بخش خان ڀٽو کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن جونيئر ذوالفقار چونڊ ميدان ۾ لهي به ته امير بخش جو وڏو ووٽ بئنڪ پيپلزپارٽي جي حق ۾ اچي سگهي...!
0 تبصرے