English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اقتداري سياست ڪيڏي نہ ڪٺور ۽ ظالم ٿئي ٿي
views
|
18th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ذوالفقار قادري
وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مير مرتضئ ڀٽو جا ٻارڙا المرتضئ هاؤس ۾ جڏھن گڏھہ گاڏي تي چڙھي کيڏي رهيا هئا تہ اسان جي دوست عزيز ڇٽو پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ ھي يادگار ناياب تصوير محفوظ ڪري ڇڏي جي ها گڏھہ گاڏي تي نظر ايندڙ ٻارڙن ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ جو فرزند بلاول ۽ سندس نياڻيون بختاور ٖ آصفہ ۽ مير مرتضئ ڀٽو جو فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آھن ٖ هي انهن ڏينهن جو قصو آھي جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ ٻيون دفعو پاڪستان جي وزيراعظم جي مسند تي فائز ٿي چڪي هئي ۽ مير مرتضئ ڀٽو جيل مان آزاد ٿي پنهنجي نئين سياسي سفر جو آغاز ڪري چڪو هو ٖ سياسي معاملن تي ٻنهي ڀاءٗ ڀيڻ جو پنهنجو پنهنجو موقف هو ٻنهي ڀاءٗ ڀيڻ جو پاڻ ۾ ملڻ جلڻ نہ هو پر هنن ٻنهي پنهنجي ٻارڙن کي ان درميان ۾ نہ آندو ٻار ننڍڙا هئا مون کي ذاتي طور اها ڄاڻ آھي تہ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان ڀٽوز جي روايت رهي آھي تہ عيد هميشہ اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڪندا آھنٖ بينظير ڀٽو صاحبہ عيد تي پهرين المرتضئ ۾ اچي رهندي هئي پر مير مرتضئ ڀٽو جي وطن واپسي بعد بينظير صاحبہ نئون ديرو هاؤس شفٽ ٿي وئي هئي ۽ اتي ئي رهندي هئي ۽ مير مرتضئ ڀٽو پنهنجي فيملي سميت اچي المرتضئ هاؤس ۾ رهندو هو بيگم نصرت ڀٽو وري المرتضئ هاؤس ۾ پنهنجي پٽ مير مرتضئ ڀٽو سان اچي رهندي هئي پر بيگم نصرت ڀٽو ساڳئي وقت هڪ ماءٗ بہ هئي هو پنهنجي ڌيءٗ بينظير ڀٽو صاحبہ سان ملڻ نئون ديرو هاؤس بہ ويندي هئي بينظير ڀٽو صاحبہ ٖ کيس پاڻ سان گڏ سرڪاري پروگرامن ۽ ميٽنگس ۾ وٺي ويندي هئي تہ وري اهڙي طرح مير مرتضئ ڀٽو بہ بيگم نصرت ڀٽو کي جلسن ٖ جلوسن ٖ دعوتن ۽ پروگرامن ۾ وٺي ويندو هو هڪ ماءٗ هئي پر پٽ ۽ ڌيءٗ درميان ورهايل رهيٖ بينظير ڀٽو صاحبہ اڪثر عيد واري ڏينهن پنهنجي ٻارڙن بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ کي تيار ڪري شايد اهو سوچي کين المرتضئ هاوس موڪليندي هئي تہ اسان وڏا نہ ٿا ملون پر ٻارڙن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو جو هو پنهنجي مامي مرتضئ سان نہ ملن ٻيو تہ مير مرتضئ جو فرزند ذوالفقار جونيئر بہ ننڍڙو هو سو ٻار هڪ ٻئي سان ملي راند روند بہ ڪندا هئا ٖ مير مرتضئ ڀٽو هميشہ بينظير جي ٻارڙن کي سڪ ۽ پيار ڏنو اڄ بہ المرتضئ هاؤس جا اهي پراڻا خانداني بورچي شاهد آھن تہ مير صاحب کين چئي ڇڏيندو هو تہ ممڪن آ ادي بينظير جا ٻارڙا اچن ان لا۽ ٻارڙن جي پسند جا کاڌا ٖ آئيس ڪريم وغيره خاص طور ٺاهيا وڃن ان باوجود جو مير مرتضئ ڀٽو جا آصف علي زرداري سان سياسي اختلاف هئا ۽ سندس درميان ڳالهہ ٻولهہ بنهہ بہ نہ هئي پر هن ڪڏھن بہ ان سياسي اختلافن جي وچ ۾ اهو نہ ڏٺو تہ هي آصف علي زرداري جا ٻار آھن مير مرتضي هميشہ هنن کي معصوم ٻار ۽ پنهنجي ڀيڻ جو اولاد ئي سمجهيو بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ جڏھن بہ المرتضئ هاؤس آيا مير مرتضئ کين هميشہ پيار سڪ اڪير سان گڏ پنهنجائپ جو احساس ڏنو پنهنجون معمول جون سياسي ملاقاتون روڪي بہ ٻارڙن کي ٽائيم ڏنو کين عيد جون خرچيون ۽ گفٽ ڏئي روانو ڪيو اهو بہ هڪ عيد جو ڏينهن ئي هيو تہ بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ پنهنجي مامي مير مرتضئ سان ملڻ المرتضئ هاؤس پهتا مير صاحب سان ملڻ بعد ٻارن کي جڏھن خبر پئي تہ ننڍڙو ذوالفقار جونيئر هاؤس جي باغ طرف جتي هرڻ ٖ طوطا ۽ ۽ ٻيا جانور ۽ پکي آھن اتي کيڏي رهيو آھي تہ بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ بہ جونيئر سان کيڏڻ باغ طرف هليا ويا اتفاق سان انهيء مهل هاؤس جا مالهي وڻن جا ڪريل پتا ٖ ڇٻر ٖ باغ جو گند گاه کڻڻ لا۽ گڏھہ گاڏو کڻي اچي پهتا ٖ ٻارن جو گڏھہ گاڏو ڏٺو تہ هنن کي اچي رونشو لڳو سو مالهين سان ضد ڪري بيهي رهيا تہ اسان کي گڏھہ گاڏي تي چاڙھي هاؤس جي باغ جو سير ڪرايو ٖ مالهي مسڪين اچي ڦاٿا تہ بادشاهن جي ٻارن کي گڏھہ گاڏي تي ڪيئن ويهارجي پر ٻار ضد تان لهن ئي ڪونہ آخر هاؤس جي نوڪرن اها ڳالهہ وڃي مير مرتضئ کي ٻڌائي تہ ٻار انگل ڪري بيهي رهيا آھن ٖ مير صاحب ڳالهہ ٻڌي کلي کين چيو بابا ٻار بادشاه آھن سو جيئن چون تيئن ڪيو ٖ مالهين کي جڏھن خبر پئي تہ مير صاحب اجازت ڏني آھي تہ ٻارڙن جي دل نہ ٽوڙيو جيئن چون تيئن ڪيو تڏھن وڃي مالهي مسڪينن کي سڪون آيو پو۽ سڀني ٻارڙن ذوالفقار جونيئر ٖ بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ کي مالهين گڏھہ گاڏي تي ويهايو ۽ ھاؤس جي باغ جو سير ڪرايو ويو ٻار گڏھہ گاڏي تي سير ڪري ڏاڍا خوش ٿيا ان لمحي کي عزيز ڇٽو ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو ڇا هنن ٻارڙن ذوالفقار جونيئر ٖ بلاول ٖ بختاور ۽ آصفہ ڪڏھن اهو سوچيو هو تہ ظالم سياست اسان کان اسانجا رشتا ٽوڙي ڇڏيندي ٖ مير مرتضئ جهڙو محبوب پيءٗ ۽ مامو ۽ بينظير جهڙي ماءٗ ۽ پڦي جدا ٿي ويندا ٖ
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جونيئر ذوالفقار جي مقبوليت ۽ پيپلزپارٽي ۾ پريشاني..!!
18th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اقتداري سياست ڪيڏي نہ ڪٺور ۽ ظالم ٿئي ٿي
18th Sep 2025
•
کھیل
عرشہ اختر نے پینتھرز موٹر اسپورٹس کے ساتھ معاہدہ کر لیا
18th Sep 2025
•
سندھ
تین برسوں میں 29لاکھ پاکستانیوں کا بیرون ملک منتقل ہونا معاشی ترقی کی دعویدارحکومت کے لیے لمحہ فکریہ ہے، کاشف سعید شیخ
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ اڳوڻي سپرنٽنڊنٽ سيشن ڪورٽ پرتاب راءِ سنگھ راٺوڙ جي ديهانت تي تعزيت جو سلسلو جاري
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ مستحق عورتن ۾ سلائي مشينون ورهايون ويون
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: چنديرام پاڙي ۾ تعزيت جو سلسلو، نوابزاده محمد شهمير ٽالپر ۽ ساٿين جو شرڪت
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه تقريب منعقد، ڪيڪ به ڪاٽيو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اقتداري سياست ڪيڏي
ذوالفقار قادري
وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبہ
مير مرتضئ ڀٽو جا ٻارڙا المرتضئ هاؤس
0 تبصرے