مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي اڳواڻي ۾ مارچ جي قائدآباد ۾ آجيان ڪئي ويندي: احسان الله ٽڪروي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جمعيت علماء اسلام طرفان 14 سيپٽمبر تي ڪشمور مان نڪتل سنڌ امن مارچ 5 ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو اڄ منجهند ڌاري ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿيندو, جي يو آئي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پهچندڙ امن مارچ جو هزارين ماڻهن طرفان قائداباد ۾ آجيان ڪئي ويندي، پاڪستان کي سياستدانن آزاد ڪرايو ۽ سياستدان ئي بچائيندا سياست تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏبو امن مارچ ڪچي پڪي جي آفيسرن توڙي ٻاهر موجود ڌاڙيلن جو خاتمو آڻيندو، جي يو آئي ملير جي امير احسان الله ٽڪروي جي گڏاپ ،ابراهيم حيدري ۽ ملير ٽائون جي عهديدارن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ۾ پر ھجوم پريس ڪانفرنس ، تفصيل موجب ملير جمعيت علماء اسلام طرفان 14 سيپٽمبر تي ڪشمور مان نڪتل سنڌ امن مارچ 5 ڏينهن سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو اڄ منجهند ڌاري ڪراچي جي حدن مان داخل ٿيندو ان حوالي سان جي يو آئي ملير جي اڳواڻن ضلعي امير احسان الله ٽڪروي گڏاپ ،ابراهيم حيدري ۽ ملير ٽائون جي عهديدارن سيد اجمل شاھ ،عبدالقيوم صديقي ، مولانا نور رحيم، مولانا اسماعيل محمد ، قاري حمد الله حقاني، حاجي محبوب اعواڻ ،قاري عنايت الله ۽ ٻين سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير م پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جماعت سنڌ جي سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پهچندڙ امن مارچ جو هزارين ماڻهن طرفان قائداباد ۾ آجيان ڪئي ويندي هنن چيو ته هڪ رات اڳ اسان قائداباد ۽ ڀرپاسي ۾ تنظيم جا بينر ۽ جهنڊا هنيا جيڪي رات پيٽ ۾ لاٿا ويا هنن چيو ته ڪي پي ڪي جا خان، پنجاب جا چوڌري، بلوچستان جا سردار ۽ سنڌ جا وڏيرا ملڪ ۾ امن نٿا چاهين پاڪستان کي امن جي ضرورت آهي پاڪستان کي سياستدانن کي آزاد ڪريو ۽ سياستدان ئي بچائيندا جيڪڏهن اها روش برقرار رهي ته ملڪ ۾ سريلنڪا، بنگلا ديش نيپال جهڙي صورتحال ورجائي سگهجي ٿي هنن چيو آمن مارچ ڪچي توڙي پڪي جي آفيسرن توڙي ٻاهر موجود ڌاڙيلن جو خاتمو آڻيندو
0 تبصرے