پ پ اڳواڻ صوفي نواز علي سومرو، غلام مصطفيٰ آرائين، عباس علي رند راٺوڙ هائوس پهچي تعزيت ڪئي
عمرڪوٽ (ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهڻشام داس راٺور جي وڏي ڀاءُ جي وفات تي پاڪستان پيپلز پارٽي عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز علي سومرو، پي پي پي ڪنري سٽي جي صدر مهر غلام مصطفيٰ آرائين، ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري پِيپلز ليبر وِنگ عباس علي رند، عمرڪوٽ ۾ راٺور هائوس پهچي، افسوس جو اظهار ڪيو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم پي اي نواب محمد تيمور ٽالپر صاحب جي فرزند نوابزادو محمد شاهمير ٽالپر، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهڻشام راٺور جي وڏي ڀاءُ ۽ منهنجي وڏن ماما پرتاپ سنگھ راٺور جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو.انھن سان گڏ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، دليپ ڪمار مولچنداني، پي ايس رحمت الله راڄڙ، شاهد ڪوسو ۽ ٻيا دوست پڻ موجود هئا.
0 تبصرے