ملير: بوائز پرائمري اسڪول امام بخش 3، خدادات ڳوٺ ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي صه جي تقريب

تقريب ۾ اڳوڻي هيڊماسٽر محمد يونس، موجوده هيڊماسٽر عبدالغفار، استادن، ماسترياڻين ۽ ٻارڙن جي شرڪت

ملير: بوائز پرائمري اسڪول امام بخش 3، خدادات ڳوٺ ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي صه جي تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول امام بخش 3، خدادات ڳوٺ ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ هڪ روح پرور ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي ويئي۔ تقريب ۾ اسڪول جي اڳوڻي هيڊماسٽر محمد يونس، موجوده هيڊماسٽر عبدالغفار، معزز استادن سر سهيل احمد، سر عتيق احمد، مس مريم محمود سميت ٻين استادن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي شاگردن رسولِ مقبول ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪيون۔ مختلف شاگردن حضور ﷺ جي سوانح حيات ۽ شانِ مصطفى ﷺ تي تقريتوڻ ڪيون، جن کي شرڪت ڪندڙن وڏي ساراهه ۽ داد ڏني مقرررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت سڄي انسانيت لاءِ سڀ کان وڏي خوشخبري آهي۔ اُنهن شاگردن کي تلقين ڪئي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ اسوۂ حسنہ ﷺ کي اختيار ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ دين اسلام جي اصل روح محبت، ڀائيچاري ۽ امن ۾ لڪل آهي هيڊماسٽر عبدالغفار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙيون مذهبي ۽ تعليمي تقريبون شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي ديني ۽ اخلاقي تربيت ڏيڻ جو بهترين ذريعو آهن۔ هن استادن جي محنت کي ساراهيو ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي تقريب جي پڄاڻي حضور نبي ڪريم ﷺ جي ذات اقدس تي درود و سلام جي گهاڙي سان ٿي، جنهن کان پوءِ ملڪ جي سلامتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري ويئي۔ شرڪت ڪندڙن اسڪول انتظاميا جي هن منظم ۽ خوبصورت پروگرام لاءِ کين ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو۔