عدالتي حڪم تي ٿاڻي تي ڇاپو هڻي 14ورهين جي محبوب علي گجڙيو ملاح کي آزاد ڪرايو ويو هو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ايڊيشنل سيشن ڪورٽ اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج محمد اسلام الدين آرائين PS ڳاڙھو جي SHO انسپيڪٽر اياز ٻگھيو ۽ 8 پوليس اھلڪارن تي 14 سالن جي غريب نينگر محبوب علي گجڙيو ملاح کي بيگناھ گرفتار ڪري ھٿ ۽ پير ڪڙيون ھڻي حبس بيجا ۾ رکڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي SSP ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ۽ DIG حيدرآباد طارق رزاق داريجو کي حڪم ڏنو آھي ته انسپيڪٽر اياز ٻگھيو کي PS ڳاڙھو جي SHO واري عھدي تان ھٽائي نينگر جي امڙ ماروئي گجڙيو ملاح جي فرياد تي SHO ۽ 8 پوليس اھلڪارن خلاف قلم 154 CRPC تحت FIR داخل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي ٠نينگر محبوب علي گجڙيو ملاح عدالت کي ٻڌايو ته ھڪ باثر زميندار بابو شاھ جي مينئجر صفر شاھ سان معمولي ڳالھ تان سندس تلخ ڪلامي ٿي ان جي چوڻ تي SHO اياز ٻگھيو 8 پوليس اھلڪار موڪلي مونکي بيگناھ گرفتار ڪري ھٿ ۽ پير ڪڙيون ھڻي لاڪپ ۾ رکيو ھيڊ ڪانسٽيبل علي محمد ساڻس جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عدالت انھي ڳالھ کي انتھائي افسوسناڪ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني حرڪت قرار ڏيندي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ٺٽو 14 ورهين جي نينگر کي ناحق باندي بڻائڻ واري واقعي تي وڏو فيصلو ٻڌائيندي ڳاڙهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او اياز ٻگهئي کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ ۽ ضلعي اندر ٻيهر مقرري نه ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت طرفان جاري حڪم ۾ ايس ايڇ او سميت 8 اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهنته ايس ايس پي ٺٽو کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جوابدار اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي.عدالتي فيصلي کانپوءِ شهري حلقن ۾ عدالت جي اهڙي قدم کي انصاف جي فتح قرار ڏنو پيو وڃي.
0 تبصرے