سجاول (رپورٽر) ايس ٽي پي ضلعي سجاول جو هنگامي اجلاس، 12 جولاءِ تي منشيات خلاف وڏي احتجاجي مظاهري جو اعلان٠ايس ٽي پي ضلعي سجاول جو هنگامي اجلاس پارٽي جي ضلعي صدر محمد جمن سنڌي جي صدارت هيٺ ابڙو هائوس سجاول تي ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي موجوده حالتن، عوامي مسئلن، منشيات جي وڌندڙ وبا ۽ حڪومتي نااهلين بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالواحد خاصخيلي، ممتاز لغاري، ريحان بوبڪ، سهيل ابڙو، گل حسن رند، فاروق قمبراڻي ۽ ٻين ساٿين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اتر سنڌ جي ڌاڙيلن جي هٿان ظلمن جو شڪار ٿيل ميرپوربٺورو واسي پورهيت جي دردناڪ قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته 12 جولاءِ تي سجاول ۾ منشيات، بدامني، ناانصافين، ترقياتي منصوبن ۾ نااهلي ۽ علائقائي مسئلن جي حل لاءِ هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ ايس ٽي پي جا ڪارڪن، همدرد ۽ مقامي ماڻهون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس جي آخر ۾ خطاب ڪندي ضلعي صدر محمد جمن سنڌي چيو ته، "اسان جا وسيلا اسان جي عوام لاءِ آهن، اگر اسان کي پنهنجا حق گهرجن ته روڊن تي لهڻو پوندو، خاموشي سان ظلم نه روڪبو."ان موقعي تي ڪامريڊ گل حسن رند، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ايس ٽي پي ضلعو سجاول، چيو ته اهو احتجاج صرف پارٽي جو نه، پر عوام جو آواز بڻجندو.
0 تبصرے