انڪروچمينٽ خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن: اسسٽنٽ ڪمشنر
مورو (جاني جماڻي) ھڪ دفعو ٻيھر مورو انتظاميه انڪروچمينٽ خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو مين روڊ مورو، درس روڊ سميت ٻين ھنڌن تي ٻيٺل ريڙها ھٽائي ڇڏيا ۽ روڊ تي پيل سندل، ڦٽا ۽ لڳل شاميانا ٽريڪٽر ٽرالين ۾ کڻائي ميونسپل آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قريشي، چيئرمين نذير احمد ميمڻ، چيف ميونسپل آفيسر مورو نور محمد سمون چيو ته ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ارسلان سليم جي سخت ھدايتن تي انڪروچمينٽ خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ان وڌيڪ چيو ته شھرين ۽ دڪاندارن سميت ڪاروبار ڪندڙ کي فورن پنھنجا ڪيل حددخليون ۽ ناجائز قبضا ختم ڪن جيئن اچ وڃ جا رستا بحال ٿي سگھن نه ته ٻي صورت ۾ قبضا ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سندن جا قبضا ختم ڪيا ويندا ان موقعي سي ايم او نور محمد سمون، راھب ٻگھيو، فيضان راجپوت، تاج محمد منگي، اي ايس آئي صدام حسين کوکر، اي ايس آئي شاھد لنڊ، گلاب زرداري، عبدالستار زرداري ۽ پوليس جي نفري سميت موجود ھيا،
0 تبصرے