English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سيمينٽ فيڪٽري وٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو
views
|
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري لڳ مبينا ڦر جي ڪوشش دوران فيڪٽري جي سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند مبينا ڦورو مارجي ويو. تفصيل موجب فيڪٽري جي عملدارن پاران اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي 40 ورهين جي هڪ مبينا جوابدار مراد ولد مٺا جوکيو جيڪو پير سرہندي ڳوٺ جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو جو لاش هٿ ڪيو پوليس مطابق واقعي واري هنڌ تي هڪ ڪار نمبر BZQ-258 به موجود هئي، جنهن ۾ ٽي ڄڻا اسدالله ولد عبدالعليم پنھور، دوست علي ولد محمد سفيان، ۽ صاحب خان عرف صابرالدين سوار هئا فيڪٽري جي سيڪيورتي انچارج اشفاق پوليس کي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربند ڪار سوارن کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران گشت تي موجود فيڪٽري جي سيڪيورٽي گارڊن کين روڪڻ جي ڪوشش ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن پاران جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هٿياربند ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه هٿياربند موٽر سائيڪل تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ڪار ۽ ان ۾ سوار ماڻهن کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل هٿياربند جي لاش کي قانوني ڪارروائي بعد جناح اسپتال موڪليو ويو. پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري
0 تبصرے