ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائدآباد واسي واپاري معين الدين بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي واپاري جي پٽ ٽرانسپورٽر غياث الدين، پي جي اغوا جو ڪيس قائدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس والد صادق آباد ۾ اسڪريپ خريد ڪرڻ لاءِ ويو هو جنهن کي لانڍي ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ روانو ڪيو هو، ٽرين رحيم يار خان جي ويجهو پهتي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کيس اغوا ڪري ورتو.اغوا بعد ڏوهارين
فون ذريعي رابطو ڪري 2 ڪروڙ روپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو آهي . پٽ ٻڌايو ته پئسا نه ڏيڻ تي ڏوهارين سندس والد تي وحشياڻو تشدد ڪيو، کيس ڪپڙن کان آجو ڪري اذيت ڏني ان جي وڊيو به موڪلي وئي آهي ڏوهارين ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀنگ نه ڏنو ويو ته هو معين الدين کي قتل ڪري ڇڏيندا.
0 تبصرے