English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل پاران پٽ، سندس زال ۽ سالن خلاف احتجاج
110 views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ هائي ڪورٽ جي ايڊوڪيٽ غلام مصطفي منگي جي گهر مان پٽ, ننهن ۽ سندن سالن طرفان ڦر، گهر ۾ موجود ڪراڙي امڙ رڙيون ڪندي مدد لاء پکاريندي رهي، عجيب ۽ غريب ڦر ۾ پيءَ جي غير موجودگي ۾ پٽ ۽ سندس زال ساٿين سان گڏ ڀينرن جو رکيل ڏاج سونا زيور گهر جا ڪاغذ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار، ڪراڙي امڙ سچل ٿاڻي پهچي پٽ، نهن ۽ سندن ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرايو منهنجو پٽ نافرمان ۽ دجال آھي جنهن کي ڀينرن ڪراڙي ماء ۽ پيء جي به ڪا لڄ نه ٿي ڦر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ باوجود اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ٿي آھي پٽ ۽ نهن کي سرڪاري نوڪري تان برطرف ڪري جانچ ڪرائي وڃي ايڊوڪيٽ هائي ڪورٽ غلام مصطفي منگي جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب سنڌ هائي ڪورٽ جي سينيئر ايڊوڪيٽ غلام مصطفي منگي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پري ڪانفرنس ڪندي پنهنجي پٽ دانش منگي، نهن ڪوثر پروين ۽ سندن سالن محمد اسد ۽ وقاص تي الزام هڻندي چيو آھي ته هنن 15جولائي 2023 تي منهنجي غير موجودگي ۾ گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ موجود منهنجي نياڻين جي شادي جو ڏاج سونا زيور گهر جا ڪاغذ ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا ان موقعي تي منهنجون ڌيئرون ۽ زال رڙيون ڪنديون مدد لاء پکاريندي رهيون پر هن ڦورو ٽولي کي ڪو به رحم نه آيو هن چيو ته منهنجي نهن ڪوثر پروين آئي پي سي ۾ سيڪشن آفيسر ۽ هاڻ اين آئي پي اي ۾ ايڊمنسٽريشن ٽرينگ آھي جڏهن ته منهنجو پٽ دانش منگي ايف آئي اي ۾ اي ايس آئي آھي سندس سالو محمد اسد آئي جي سنڌ آفيس ڪراچي ۾ جونيئر ڪلرڪ آھي جن خلاف منهنجي گهر واري ڦر واري ڏينهن سچل ٿاڻي پهچي ڪيس نمبر 460 داخل ڪرايو جڏهن ته ڄاڻايل سرڪاري جوابدار ملازمن خلاف لاڳاپيل ادارن کي درخواستون پڻ جمع ڪرايون آھن ۽ مون واقعي خلاف ڪورٽ ۾ پڻ پٽشن داخل ڪرائي آھي پر پوء به ڄاڻايل جوبدارن کي معطل ڪرڻ سميت ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويئي آھي هن ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته جنهن پٽ کي نپائي پالي پڙھائي اعلي نوڪري تائين پهچايو ان پٽ نه رڳو نافرماني ڪئي پر زال جي چوڻ تي دجال جو ڪردار ادا ڪندي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي 27سالن کان سنڌ هائي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري رهيو آھيان پر پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي جي انصاف لاء دربدر آھيان ڄاڻايل ٽولو ھاڻ مون سميت منهنجي گهر ڀاتين کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي هن چيف سيڪريٽري سنڌ آئي جي سنڌ ايف آئي جي اعلي اختيارين سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته منهنجي گهر مان ڦر ڪندڙ ڄاڻايل ٽولي خلاف فوري ڪاروائي ڪري ڪورٽ مان فيصلو اڄڻ تائين جوابدارن کي معطل ڪيو وڃي ته جئين هو سرڪاري عهدن ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪري سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے