عمران خان کي اربين رپين جي ڪرپشن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

آصف علي زرداري کي ساڳي قانون تحت 12 سال جيل ڪاٽي عدالت ۾ سرخرو ٿيو

عمران خان کي اربين رپين جي ڪرپشن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي کي گذريل ڏينهن نيب ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي پيپلزپارٽي ڪنهن به سياسي مخالف جي گرفتاري تي خوش ناهي ٿيندي هي گرفتاري نيب ان ڪري عمل ۾ آندي آهي جو عمران خان اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي عمران خان القادر ٽرسٽ قائم ڪئي هئي ان ڪري نيب کي کيس اربين رپين جي ڪرپشن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي عمران خان جي چي ذميواري آهي ته نيب ۽ عدالت کي مطمئن ڪري ان کان اڳ نيب مختلف سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آصف علي زرداري کي ساڳي قانون تحت 12 سال جيل ڪاٽي عدالت ۾ سرخرو ٿيو اسان عمران خان جي گرفتاري تي جهمريون ناهن هنيون پر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري تي پي ٽي آئي وارن جهمريون هنيون پيپلزپارٹي آصف علي زرداري، ڦريال ٽالپر ۽ آغا سراج دراني جي گرفتاري تي ڪوبه قانون هٿ ۾ نه کنيو ۽ ڪوبه ري ايڪشن نه ڏنو خورشيد شاهه، اعجاز جکراڻي، ۽ مون کي پاڻ کي به عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو منهنجي خلاف ڪوبه گرفتاري وارنٽ جاري ناهي ٿيو نيب لکي ڏنو ته شرجيل ميمڻ ڪابه ڪڪ بيڪس ناهي ورتي