English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن ۽ هيريٽيج، سکر پاران ٻيون بين الاقوامي سمپوزيم منعقد
185 views
|
22nd Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سکر (رپورٽر) اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن ۽ هيريٽيج، سکر فخر سان ٻيون بين الاقوامي سمپوزيم بعنوان "موسمي تبديليءَ جا سخت چئلينجز ۽ حياتياتي تنوع، زندگيءَ جي معيار ۽ ماحول جي پائيداري" ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي. هن علمي تقريب ۾ قومي ۽ بين الاقوامي ماهرن، ماحولياتي سائنسدانن ۽ فڪر وارن اڳواڻن موسمي تبديلي ۽ پائيداري بابت اهم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افتتاحي تقريب جا معزز مهمان محمد عباس بلوچ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ هئا، جن تقريب جي شاندار شروعات ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، وائس چانسلر اروڙ يونيورسٽي، معزز مهمانن ۽ اسپيڪرن کي ڀليڪار ڪندي يونيورسٽيءَ جي ويزن، مشن ۽ حڪمت عمليءَ بابت پرزنٽيشن پيش ڪئي. سمپوزيم ۾ مشهور بين الاقوامي ماهرن ڊاڪٽر اسٽيـون بانٽا (آمريڪا) پروفيسر ڊاڪٽر زيليها سلام اوغلو (ترڪي) ڊاڪٽر ايچي آڪسوئي (اٽلي) پروفيسر ڊاڪٽر ڊينگژن لي (چين) ڊاڪٽر اقبال حسين جعفري، JFK (آمريڪا) عالمي ماحولياتي مسئلن ۽ پائيداريءَ تي روشني وڌي. ٻين معزز مهمانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ، وائس چانسلر، ايس اي ايل يو، خيرپور، پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ، وائس چانسلر، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، جناب يوسف بشير قريشي، CEO، YBQ اسٽوڊيو، انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، وائس چانسلر، سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام، پروفيسر ڊاڪٽر محمود الحسن، قائم مقام وائس چانسلر، SAU، شڪارپور، ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌريجو، ڊي سي، سکر، پروفيسر ڊاڪٽر شازيه انجم، وائس چانسلر، گورنمينٽ صادق ڪاليج وومين يونيورسٽي، بهاولپور، پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاه، PVC، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي شامل هئا جن موسمي تبديليءَ جي اهم سببن تي روشني وجهي ۽ پائيدار ماحول لاءِ قيمتي تجويزون پيش ڪيون.شرڪت ڪندڙن شاگردن جي منصوبن جي نمائش جو پڻ دورو ڪيو، جتي يونيورسٽي جو نعرو "Learn, Earn and Grow" نمايان طور پيش ڪيو ويو، ۽ ماحولياتي مسئلن جا تخليقي ۽ پائيدار حل وڏي پذيرائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تقريب ۾ ٻه اهم پينل ڊسڪشنز پڻ شامل هيون جن ۾ پينل هڪ موسمي تبديليءَ جا انساني صحت ۽ روزگار تي عالمي اثر، پينل 2 موسمي تبديليءَ جا حياتياتي تنوع ۽ ماحول جي پائيداريءَ تي اثر شامل هئا. نصير ميمن، موسمي تبديلي ماهر، پنهنجي خطاب ذريعي گفتگو کي وڌيڪ بهتر ۽ ڄاڻ ڀريو بڻايو. اختتامي تقريب جا معزز مهمان فياض حسين عباسي، ڪمشنر سکر، ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاه، PVC، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي هئا، جن اروڙ يونيورسٽي جي قيادت کي اروڙ ۽ روهڙي جهڙي تاريخي ماڳ تي عالمي معيار جي علمي تقريب منعقد ڪرڻ تي ڀيٽا ڏني. آخر ۾، پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، وائس چانسلر، ملڪي و بين الاقوامي مقررن، سندھ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سکر بيوريجز پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ سڄي تنظيمِي ٽيم جي خدمتن تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ
سکر
aror university sukkur fee structure
0 تبصرے