مڪلي لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ جشن آزادي جو پروگرام

جشن آزادي معرڪه حق جي حوالي سان منعقد پروگرام ۾ ٻارڙن قومي ترانو ۽ ملي نغما پيش ڪيا

مڪلي لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ جشن آزادي جو پروگرام

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مڪلي سمينٽ فيڪٽري لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ يوم آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ اسڪول ٽيچر زاهده سولنگي جي اڳواڻي ۾ هڪ ننڍو پروگرام ٿي گذريو جنهن اسڪول جي ٻار پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا پروگرام جي آغاز ۾ ٻارن طرفان قرآن پاڪ پڙهي ڪيو ننڍڙن اسڪول ٻارن قومي ترانو ۽ ملي نغما به پيش ڪيا جڏهن ته پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جي نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين اي بي شورو نقاش مسيع سان گڏ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ پهچي اسڪولي ٻارن ۽ اسڪول جي ٽيچر جي حونصلا افزائي ڪئي جڏهن ته تعليم کاتو ٺٽو جي فوڪل پرسن حفيظ سميت ڳوٺاڻن يامين مري ٻين طرفان به پروگرام شرڪت ڪئي اسڪول ٽيچر معصوم اسڪول ٻارن کي شاباش ڏني