انھيءَ ڳالھ۾ڪو به شڪ ڪونهي ته عمران خان کي سياسي ميدان۾ ٻن پارٽين جي عوامي طاقت کي ختم ڪرڻ جي لاء ميدان۾آندو ويو ڇوته محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نوازشريف سميت سياسي پارٽين جي وچ۾ ٿيل ميثاق جھموريت جي معاھدي کان پوءِ ڪنھن ٽئي قوت جي فائدن حڪمت عملي جي پاسداري لاءِ ڪنهن نئي سياسي وجود جي انٽري بلڪل اڻٽر بڻجي چڪي هئي انھيءَ جي خواب جي ساڀيان جي لاءِ عمران خان کي تيار ڪري تربيت ڪري انھيءَ نعري سان ميدان۾لاٿو ويو ته ھي سڀ چور آهن ڌاڙيل آهن ھنن آقتدار تي ورھاست ڪري قابض بڻيل آهن آئون فرشتو بڻجي عوام جو مقدر تبديل ڪرڻ جي لاء آيو آهيان پنجاھ لک گھر ھڪ ڪروڙ نوڪريون معاشي زرعي انقلاب سڀني جو احتساب ڪري غريب امير جي ھڪجھڙو قانون مطابق سلوڪ ڪرڻ جو ڪوڙو نعرو هڻي ھميشه سياسي روايتي ليڊرن جيان عوام کي بيوقوف بڻائي ڪجهه اڪثريت حاصل ڪري ورتي ته وري ڪجهه آزاد ميمبر ڏياري آقتداري ڪرسي تي کيس وھاريو ويو پھريان ئي آقتدار ئي واعدي ٽوڙي يوٽرن وٺي حاصل ڪيو جنهن۾چيو ھئائين ته آزاد ميمبر ئي پاڪستان جي سياسي تباهيءَ۽ تبديلي جي راھ۾رڪاوٽ بڻيل آهن آئون صرف پارٽيءَ ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽي ايندڙن سان گڏ حڪومت ٺاھيندس ٻين پارٽين آزاد ميمرن جي لوٽا ڪريسي سان حڪومت ڪرڻ جي بجاءِ اپوزيشن۾ ويھندس پر عمران خان پھرين ڏينھن جي سمورين واعدن وچنن کي فضا۾اڏاري ڇڏيو۽ آقتدار حاصل ڪري اصل آقتدار۾ آڻيندڙن قوتن جي اشاري تي حڪمراني ڪرڻ لڳو جنهن سياسي انتقام جو پٽڪو پي ٽي آئي پٽي رھي آھي اھو پنھنجي دور آقتدار ۾ عروج تي ھئو سياسي مخالفن کي جڏهن ڪي وڏا گرفتار ڪندا هئا ته ھي وڏي فخر سان ڏاڙھي تي ھٿ گھمائي چوندو هو ته ھنن جو ھھڙو حشر ڪندس ڦلاڻي کي جيل۾ وجھندس ڦلاڻي کي اڪيلو جيل۾رکندس ڦلاڻي جي ڪمري۾اي سي لڳل آھي اھيا ھٽرائيندس ڦلاڻي جو پکو ڪمري مان ڪڍرائيندس ڦلاڻي جي ڪمري جي روشني وارو بلب بند ڪرائيندس تمام وزير اعظم پاڪستان جي وڏي عھدي تي ننڍڙو ماڻهو ھلڪي طبعيت رکندڙ ننڍي سوچ رکندڙ ضدي تڪبر غرور جي پھاڙن تي چڙھيل ليڊر عمران خان جي وزير اعظم پاڪستان بنجڻ تي دنيا حيران دنگ رهجي وئي خود ٿوري ٽائيم کان پوءِ آقتدار جي آعلي منزلن تي پھچائڻ وارن کي به اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيائين پوء وقت به وقت اھئي کيس مختلف وقتن تي سندس سياسي طاقت۽ سياسي اوقات ياد ڏياريندا رهيا کيس سمجھائيندا رھيا پر ھي ضد ٻار بڻجي ويو پوءِ سمجھائڻ جڏهن ھنن جي وس۾ئي نه رھيو ته پوءِ انهن کانئس ھوء پري ھٽي ويا سياست سياستدانن جي حوالي ڪري ڇڏي۽
عمران خان خود به چيو ته ادارا نيوٽرل ھجن امپائر جي آڱر جي اشاري سان آغاز سياسي عروج حاصل ڪندڙ نيوٽرل امپائر جي موجودگي۾ميچ کيڏڻ لڳو جڏهن سياسي ميچ ھرائڻ لڳو ته دانھون ڪري نيوٽرل کي جانور چوڻ لڳو پوء عمران خان سياسي غلطيون ڪندو سياسي ناڪامين جي راھ تي گامزن ٿيو ته اسيمبلين مان استعيفا ڏيڻ صوبائي اسيمبليون ختم ڪرڻ جھڙيون غلطيون ڪيون وري واپسيءَ ڪئي جڏهن کيس گرفتار ڪرڻ جو وقت ويجهو ايندو پئي ويو ته عمران خان سميت پي ٽي آئي جا ھوش حواس خطا تي رھيا ھئا ۽ مختلف طريقن سان سوشل ميڊيا جي ذريعي عدالتن سيڪيورٽي ادارن جي خلاف مسلسل پي ٽي آئي پاران زھر اوڳاڇيو پئي ويو پي ٽي آئي وٽ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ سياسي ڪارڪن گھٽ بداخلاقي گار گند ڪندڙ بد فضيلت ٽولو وڏو آهي ليڊرن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کان ويندي ڪارڪنن تائين صرف بداخلاقي گار گند جي ڪري مشهور بڻيل آهن ۽ نيٺ 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ڪيا ويا شھيدن جي مجسمن کي ٽوڙيو ويو ملڪ جي عزت احترام سان کيڏيو ويو طاقت جي زور تي حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪري پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي اھيا پي ٽي آئي جي وڏي سياسي غلطي ھئي جڏھن ته آء ايم ايف کي خط لکڻ آمريڪا جي سائفر کي استعمال ڪرڻ جھڙيون ناقابل معافي غلطيون ڪيون وري اليڪشن۾پي ٽي آئي جي سياسي تاريخ۾ هڪ دفعو واپسيءَ ممڪن بڻائي وئي پر اھا به سياسي غلطي ڪري ڪوڙو فارم 47جو ڍنگ رچائي سياسي بيانو بڻائڻ جي خاطر اھيو موقعو به ھٿن مان وڃايو ويو جڏهن ته ساري تحريڪ انصاف انھيءَ ساڳي فارم تحت ڪي پي ڪي۾حڪومت ڪري رهي آهي قومي اسيمبلي پنجاب اسيمبلي۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي آئين خالي ڀڀڪڙ ڌمڪيون ڏئي وري ھڪ پاليسي تحت خاموش بڻجي ويندي آهي 26نومبر ھجي يا 5آگسٽ ڪي پي ڪي جي وزيراعلي سميت ڪجھ پي ٽي آئي تماشائي بڻيل نظر ايندي ڪيتريون ئي سياسي غلطيون ڪري پي ٽي آئي خود ھڪ ناڪام تحريڪ بڻجي چڪي آهي جڏهن اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪري سياسي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ اھو وقت اسٽيبلشمينٽ سان مليل پي ٽي آئي جي ماڻهن وڃائي ڇڏيو ۽ عمران خان کي بلڪل اڪيلو ڇڏيو ويو آهي ڪير به تحريڪ انصاف جي قيادت مان عمران خان سان سچو ناهي عمران خان کي پنهنجي پارٽيءَ ئي بيوقوف بڻايو جيل۾رکيو ويو آهي جڏهن ته تحريڪ به صرف ڏيکاء جي خاطر وڏا وڏا اعلان ڪري واپسيءَ مھل رزلٽ فارم 47واري ئي نڪرندي آهي ٻيو ته تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي انھيءَ ڪري ڇڙوچڙ تحريڪ انصاف آهي عمر ايوب وڏو چالاڪ آهي ھوء تحريڪ انصاف جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندو جڏهن گوھر علي محمد خان شير افضل مروت جھڙن کي ھڪ پاليسي آهي ۽ جڏهن ته وڪيل گروپ صرف ڪيسن جي پيروي ڪرڻ ڳريون ڳريون فيسون حاصل ڪرڻ جي چڪر۾عمران خان سان وفاداري جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ھوء آئين۽ قانون جي پاسداري ڪري رهيا آهن باقي عمران خان جي گھر واري۽ ڀيڻن۾ سياسي اختلاف راءِ آهي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف۾ آئين جھموريت جي پاسداري ڪندي انھيءَ جي مطابق احتجاج ڪري جي ڳالهه ڪندڙ سياسي پارٽين جي ذريعي حل ڪڍي سياست۾آڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني پئي وڃي جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ سان گڏ ٻيٺل تحريڪ انصاف جي آڳواڻڻ کي آئندھ به سياسي ڪردار ادا ڪرڻو آهي انهن کي رعايتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته بليڪ ميلنگ جون سموريون سازشون ناڪام بڻايون ويون آھن تڏھن ته 9مئي جي ڪيس جي جوابدارن کي سزائون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ڪن کي سزائون ڏنيون پيون وڃن ته ڪي جيڪي بي گناھ آھن انھن کي آئيني قانوني طريقي سان عدالتي نظام جي ذريعي انصاف فراهم ڪري آزاد ڪيو پيو وڃي 9مئي حقيقت آهي انھيءَ جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ رياست جي اھم ذميواري آهي جڏهن ته منھن جي پڪائي سان سياسي تاثر ڏنو پيو وڃي ته عمران خان تحريڪ انصاف ڪنھن سان ڊيل ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگهي پر حقيقت ھي آهي ته عمران خان تحريڪ انصاف ڊيل جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪري رھي آھي پر انھن اھيو چئي ته فيصلو قانون آئين جي مطابق ٿيندا عدالتي نظام جي ذريعي
تڏهن کان تحريڪ انصاف جون پريشانيون وڌي ويون آهن جيڪي چون ٿا ته عمران خان اصولن تي قائم آهي اھيو وڏو تاريخي ڪوڙ آهي اگر عمران خان جيڪو مولانا فضل الرحمان سان ٺاھ ڪري سگهي ٿو جيڪو محمود خان اچڪزئي سان ٺاھ ڪري سگهي ٿو جيڪو ھر در جي حاضريءَ لڳائي دربدر ٿي رهيو آهي ڇا ھوء مولانا فضل الرحمان يا محمود خان اچڪزئي جيتري به اھميت نٿا رکن جو عمران خان ٺاھ نه ڪري
حقيقت ھي آهي ته تحريڪ انصاف وکري چڪي آهي ٽٽي چڪي آهي جيڪا متحد آهي اھا اسٽيبلشمينٽ سان گڏ آهي باقي ڇڙوچڙ سياست ڪري عوام سميت عمران خان جي اکين۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي 5 آگسٽ واري احتجاج جي ناڪامي لڪائڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف 14 آگسٽ تي جشن آزاديءَ جي موقعي تي احتجاج جو جيڪو ڊرامو رچايو آهي اھو به بري طرح ناڪام ثابت ٿيندو اسٽيبلشمينٽ طئي ڪري چڪي آهي ته عمران خان کي اتي ئي پھچايو ويندو جتان کيس کڻي آقتدار جي آعلي منزلن تي پھچايو ھو عمران خان کي اصل اوقات ياد ڪرائي وڃي پئي جئين آئنده ڪو وساري نه ڇڏي
عمران خان جون معذرت ڪرڻ ڊولڊ ٽرمپ ڪارڊ سندس فرزندن جي تحريڪ جي سرواڻي ڪري انقلاب آڻڻ واري سموري خوف جا بت ٽٽي چڪا آهن معذرتون قبول ئي ڪونه ٿيون تڏهن ته روز سزائون اچي رھيون آھن سنگت جون رڙيون اچي رھيون آھن معذرتون به تڏهن ڪيون وينديون آهن جڏهن اڳيان قبول پوڻ جي توقع ھجي جڏهن ته عمران خان کي في الحال ڪا به معافي تلافي ملڻ جي اميد ناهي باقي سموري تحريڪ انصاف کي معافي ملي ويندي باقي ڪجهه سزائن جي عمل سبب معافي تلافي جي لاءِ عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا عمران خان کي جيل۾ رکڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ کان وڏو ھٿ تحريڪ انصاف جي ڪمپرومائيز ڪمپني جو آهي جيڪي ڪڏهن به نه چاھيندا ته عمران خان آزاد ٿئي عمران خان کي جيل۾ رکڻ تحريڪ انصاف کي ٽوڙڻ جي لاءِ ھوء خود ئي سياسي آڙ۾غلطيون نادانيون کيس ناڪام سياست ڪري پارٽيءَ کي وکيري جواز پيش ڪري ڏيندا رهندا جنهن سبب عمران خان جون محنتون منٿون قابل قبول نه پونديون۽ نه ئي اعتبار جي لائق رهي سگھندا
0 تبصرے