سنڌ جي سياست ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار

عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي سياست ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار

سياست جيڪڏهن عوام جي حقيقي خدمت، ڀلائي، انسانيت جي خير خواهي ڪئي وڃي ته انھي کان وڌيڪ ڪهڙي شيء ٿي سگهي ٿي، سياست جي ميدان ۾ ملڪي تاريخ ۾ تمام گهڻا مهان سياستدان آيا جن پنهنجي ذاتي خصيص مفادات بجاءِ اجتماعي عوامي خلق خدا جي خدمت کي ئي اصل ۾ عبادت جيان درجو ڏنو ۽ انهن مهان معتبر سياستدانن جو نالو هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڳايو وڃي ٿو، انهن بهترين انسان دوست سياستدانن ۾ ملڪ جي چونڊيل پهرين وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو سرفهرست آهي، انهيءَ گهراڻي جي پڳدار پٽ شهيد مير مرتضي خان ڀٽو جو نالو ڪير وساري سگھي ٿو، ساڳيو سياسي تسلسل ساڳيو ئي خون رت مير ذوالفقار علي ڀٽو جونئير جي ڳالهه سنڌ جي اندر هڪ سياسي درويش طور سڃاتي وڃي ٿي، هو سياسي لهن چاڙهن بجاءِ پنهنجي وڏڙن جي سياسي رواداري جي عشق جنون ۾ پير پاتو آهي پر هن جي سياست عوامي رابطي تي مشتمل آهي، شايد ملڪ پاڪستان ۾ ڪنهن ايتري ننڍي عمر ۾ ايڏي وڏي سياسي خاندان جي چشم چراغ ايتري محنت جستجو ڪوششون ۽ جاکوڙ ڪندي ڏينهن رات هڪ ڪيو هجي، جيڪڏهن سياست ۾ جنون جذبو ۽ بيداري هجي ته پوءِ يقينن عوامي موٽ لازمي بڻجي وڃي ٿي، جونئير ذوالفقار علي ڀٽو کي سنڌ پاڪستان جي عوام سميت سڄي دنيا عالمي سطح تي تڏهن ڏٺو جڏهن 2010ع جي سنڌ ۾ خطرناڪ قسم جي ٻوڏ آئي ۽ هن پيرين پنڌ وڏا ور وجهي سنڌ جي جهرجهنگ وستي واهن نگر نگر نروار بڻجي پنهنجي مارو ماروئڙن جي واهر ڪرڻ لاءِ ميدان ملھائيندي درياهن کان ٿيندو ٻيڙين ملاحن سان گڏ مزدورن، هارين، پورهيتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي صف اول ۾ بيٺو رهيو. سياست جي ميدان ۾ ڏٺو وڃي ته اهو اچي جيڪو پنهنجي عوام، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ، ملڪ ۽ قوم لاءِ انتهائي شير دل جهڙو جذبو رکندڙ هجي، بدقسمتي سان اڄ ته اڪثر حرام خور ۽ شوم قسم جا مصنوعي آرٽيفيشل سياسي گڊا اچڻ لڳا آهن جن جو پري پري تائين عوامي سياست ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو پروگرام ئي ڪونهي، اڄ جي گهڻو ڪري سياست رڳو پينافليڪس ۽ فيس بڪ سياست بڻائي وئي آهي. جڏهن ته سياست جو محور ۽ مرڪز صرف ۽ صرف عوام ئي آهي، انهيءَ ڪري سياست جي ميدان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ انهن جي اولاد ۾ انهن جو پوٽو ۽ پٽ سياسي شهيد ابن شهيد جي پٽ مير ذوالفقار علي ڀٽو جونئير جا رنگ ڍنگ، عوامي هلچل، تحريڪ جدوجهد جا سڀ لاڙا پاسا منفرد ۽ انوکا رهيا آهن، هو محرم الحرام ۾ پاڪ امامن جي شهادت واري ڏهاڙن ۾ سٿر ڪلفٽن تي لنگر نياز به پاڻ ورهائي هلائي ٿو ته وري انهي ئي موقعي تي اهي ٿانو به پاڻ صرف سان ملي ڌوئي صاف ڪري رکي ٿو اهو ئي نه پر پيرين پنڌ روڊن رستن تي سخت گرميءَ ۾ احترام ماهه مبارڪ ۾ گهمي به يگانن الله لوڪ انسانن جيان رهي ٿو، هو سنڌ جي ڌرتي تي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي چوري تي وڏو جذباتي بڻجي نه صرف لاڙڪاڻو پنهنجي شهر ۾ پر سنڌ جي وستي وستي واھڻ نگر نگر ۾ وڏي واڪي للڪاريندي چئي رهيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال منظور ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن جي ولار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، انهيءَ لاءِ هن سنڌ پنجاب جي دنگ ٻٻرلوء باء پاس وٽ ڪراچي حيدرآباد سنڌ جي سمورن سنڌ دوست حلقن سميت وڪيل برادري ۽ ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ، ڪي بي لغاري، خليل احمد شاهه، اطهر عباس سولنگي، سهيل ميمڻ جهڙن جوڌن جوانن سان ڏينهن رات بيٺو رهيو ۽ پنهنجي ڌرتي جو ڪيس پنهنجو سمجهي ملهائيندو رهيو. هو آرٽ ۾، هو فنون لطيفه، هو پکين، ھو جانورن سميت هر هڪ جاندار ساهواري جي جياپي لاءِ پتوڙي رهيو آهي، سنڌ جو عوام هن شهيد ابن شهيد سياسي گهراڻي جي واحد پڳدار فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونئير کي سياست گهٽ پر عوامي هلچل جدوجهد ڏسندي گذريو آهي، هن جي سياسي ڊائري ۾ اهي ئي ورق اٿليل ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي سندس جي ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي سندس جي والد شهيد مير مرتضي ڀٽو جي ڊائري جا عوامي خدمت سان ڀريل جذباتي رهيا آهن. هن جي 35 سالگره تي اها دعا آهي ته رب پاڪ سندس کي پنهنجي حفظ و امان حفاظت ۾ رکي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ بدقسمتي سان بي رحم سياست پنهنجي رت جي رشتن جو تقدس احترام به وساري ويهي ٿي پر هڪ ڳالهه آهي ته جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي، هر هڪ شيء الله پاڪ جي حڪم سان هلندڙ آهي. الله پاڪ کان دعا ٿا گھرون ته يا الله پاڪ سنڌ پاڪستان کي اهڙا سياستدان ڏي جيڪي عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار هجن.