عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي اقليتي معاملن واري کاتي جي جانبان ڪراچي جي تاريخي سوامي نارائن مندر ۾ اقليتن جو قومي ڏينھن 11 آگسٽ وڏي احترام ۽ شاندار نموني سان ملهايو ويو، تقريب جي ميزباني پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي وِنگ سنڌ جي صدر ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، معاون خاص وزيراعلي سنڌ راجوير سنگهه سوڍا ڪئي، تقريب جي مکيه مهمان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه هئا، جن کي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي مندر جو تفصيلي دورو ڪرائي ان جي تاريخي حيثيت ۽ ان سان لاڳاپيل برادري جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو، تقريب ۾ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي انتھوني نويد، قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مهیش ڪمار ملاني، ايم پي اي روما مشتاق مٽو، ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر آڊواڻي، ايم پي اي گيانچند ايسراڻي، وزيراعليٰ سنڌ جا خاص معاون راجوير سنگھ سوڍا ۽ عثمان غني هنگورو، سيڪريٽري اقليتي کاتو سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتون شرڪت ڪئي، خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته صوبائي حڪومت اقليتي برادري جي حقن جي حفاظت، فلاح ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ڇوتہ پاڪستان جي تعمير ۽ استحڪام ۾ اقليتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀئي مذهبن جا ماڻهو برابر جا شهري آهن ۽ آئين انهن جي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، هن زور ڏنو ته مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچارو ئي ملڪ جي ترقيءَ جو بنياد آهي، خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندڙ راجوير سنگھ سوڍا چيو ته اقليتي برادري ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سرگرم آهي ۽ هميشه قومي مفادن لاءِ گڏ رهي آهي، تقريب جي پڄاڻي تي دعائيه ڪلمات ادا ڪيا ويا، جن ۾ ملڪ جي سلامتي، امن، خوشحالي ۽ مذهبي رواداري جي فروغ لاءِ دعا ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن عزم ظاهر ڪيو ته هو گڏجي اهڙو پاڪستان ٺاهيندا، جتي هر مذهب ۽ هر برادري کي برابر جا حق ۽ عزت حاصل هجي.
0 تبصرے