English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جونيئر ڀُٽو ۽ زين شاھہ سنڌ ۾ سگهاري ھلچل پيدا ڪري سگهن ٿا؟
views
|
11th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سيد يوسف شاھہ
شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پوٽي ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جي فرزند مير ذوالفقار علي ڀُٽي پاران جيئن ئي نئين سياسي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو تيئن ئي مختلف تجزيا ۽ تبصرا اچڻ شروع ٿي ويا. خاص طور حڪومتي ڌر جي حامي ”تجزئي نگارن“ وقت کان اڳ ئي نئين پارٽيءَ جي ”ناڪامي“ لاءِ پنھنجا ”ماھراڻا تجزيا“ شروع ڪري ڇڏيا، جن مان حڪمرانن جي پريشانيءَ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. پارٽيءَ جو نالو ڪھڙو ھوندو ۽ منشور ڇا ھوندو، ان تي تبصرو ڪرڻ وقت کان اڳ آھي. پر مختلف موقعن تي سندس ڪيل ڳالھين مان ڪجهہ اندازا ضرور لڳائي سگهجن ٿا.ھو چوي ٿو تہ ”مون کي نہ اقتدار ڌڻين جو اشارو ۽ نہ حمايت حاصل آھي اسٽيبلشمينٽ سندس خاندان سان وڏا ظلم ڪيا آھن تنھنڪري غداري ڪري ھو انھن سان گڏ ڪڏھن بہ نہ ويھندو.“ھو اھا بہ دعويٰ ڪري پيو تہ ھو سوشلسٽ آھي وڏيرن سان نہ پر غريب ھارين، مزدورن ۽ ڏتڙيل عوام جو آواز بڻجندو. ھو چوي ٿو تہ شھيد ڀُٽي جي پارٽيءَ جي پروگرام ” اٽي لٽي ۽ اجهي“ ۾ ھو عوام لاءِ پاڻي بجلي ۽ گئس جي آسان فراھميءَ جو پڻ اضافو ڪندو پر سڀ کان اھم ڳالھہ تہ ھو کلئي عام وڏي فخر سان چوندو رھي ٿو تہ ھو سنڌي ۽ سنڌ پرست آھي ھو پنجاب جي سرزمين تي بيھي چوي ٿو پاڪستان کي ھڪ نئين سماجي معاھدي جي ضرورت آھي. سنڌين، بلوچن، پشتونن، سرائيڪين ۽ پنجابين کي سڀ کان اڳ پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت ھئڻ کپي ۽ ان سان گڏ پاڪستان سان بہ پيار ھئڻ گهرجي. پاڪستان ھڪ قوم تي مشتمل ملڪ ناھي پر گهڻين قومن گڏجي ھيءُ ملڪ ٺاھيو آھي. ان مان اھو اندازو لڳائڻ بنھہ ڏکيو ڪونھي تہ ھن شھيد ڀٽي جي لکيل آخري خط ۽ پارٽي پروگرام جو غور سان جائزو ورتو آھي ۽ عوام کي بہ موجودھہ حالتن ۾ ھڪ با اصول اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽيءَ جي ضرورت آھي.ھو پارٽي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي اھو اعلان ڪري رھيو آھي تہ سيد زين شاھہ سان گڏجي ڪم ڪندو، جنھن جي زين شاھہ پاران بہ ھاڪاري موٽ ملي رھي آھي. شروع ۾ جڏھن ھو امام پاڪن جو نياز ورھائيندي ۽ پوءِ سيلاب دوران بنا ڪنھن پروٽوڪول ۽ محافظن جي عوام جي وچ ۾ ھلي رھيو ھو ۽ چئي رھيو ھو تہ ھن جو سياست ۾ اچڻ جو ڪوبہ ارادو نہ آھي، تڏھن ئي سياست تي گهري نظر رکندڙ ماڻھو سندس شھيد ڏاڏي جا اھي لفظ ورجائيتہ ”جيئن تہ مان پيدائشي طور ھڪ زميندار آھيان ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل آھيان پر سياست منھنجي وجود ۾ جوش پيدا ڪري ٿي ۽ منھنجي دل ۾ لازوال شمع روشن ڪريو ٿي ڇڏي، سياست ھڪ اعليٰ ۽ برتر سائنس ۽ آرٽس آھي. سياست شفاف ھئڻ گهرجي ۽ ان ۾ منفي رجحان شامل نہ ھئڻ گهرجن. ماڻھو سياست متعلق شڪن ۾ ورتل آھن، اسان سياست سان بہ سياست ڪئي آھي، اسان ھڪ آرٽ کي تباھہ ڪيو آھي، عوام ھاڻي اھڙن سياست دانن تي ڀروسو نہ ڪندا، جيڪي انھن جي جذبن سان کيڏن ٿا ۽ لالچ ۾ اچي پنھنجا اصول وڪڻيو ٿا ڇڏين.“ پڪ سان چئي رھيا ھئا تہ : ” ھن جي شھيد ڏاڏي ۽ شھيد والد جو خون سندس رڳن ۾ بہ موجود آھي، تنھن ڪري ڪڏھن نہ ڪڏھن سياست، ھن جي وجود ۾ بہ جوش پيدا ڪندي، اھائي اصليت ۽ اھائي فطرت آھي.“ پوءِ سڀني ڏٺو تہ ھو جنھن جوش، ولولي ۽ دليريءَ سان ، عوام جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ سياسي ميدان ۾ لھي پيو، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دشمنن کي سندس للڪار، جوش ، جنون، دليري، مردانگي ۽ سنڌ پرستي، عوام کي مايوسين جي اونداھي غار مان ڪڍي، تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي راھہ ڏيکاري ، جنھن جي ڪري عوام ۾ نئون جذبو ۽ اُتساھہ جاڳي پيو. ۽ ھنسنڌوءَ تي ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ميدان تي لھي، سنڌ جيحڪمران پارٽيءَ جي منافقين، چورين، چالبازين ۽ عوام دشمنين کي سرِ عام وائکو ڪيو.پر کيس پنھنجي پارٽيءَ کي مضبوط منظم ۽ سگهاري بڻائڻ لاءِ شھيد ڀٽي وانگر پنھنجو سُک ۽ آرام ڦٽو ڪري ، گهر گهر، وستيءَ وستيءَ ۽ واھڻ واھڻ وڃي عوام کي جاڳائڻ ۽ پنھنجوعوامي پروگرام گهر گهر پھچائڻ۽ ان مقصد لاءِ باقائدي ھڪ سوشل ميڊيا سيل قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، 30 نومبر 1967 تي، اسلام اسان جو دين آهي، جمهوريت اسان جي سياست آهي، سوشلزم اسان جي معيشت آهي ۽ طاقت جو سرچسمو عوام آهي، جي چئن بنيادي اصولن تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو۽ ڏهن دستاويزن ذريعي، معاشري کي اڏوهيءَ وانگر کائيندڙ ناسورن جو ذڪر ڪندي، انهن جي علاج ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جو وچن ورجايو.اهي دستاويز پارٽيءَ جا رهنما اصول ۽ پروگرام جو حصو قرار ڏنا ويا هئا.جن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ٻين پارٽين کان الڳ ڪري بيهاريو. عوام کي هن پارٽيءَ وٽ پنهنجن دردن جي دوا نظر آئي ۽ اهو شهيد ڀٽو ئي هو، جنهن غريب عوام جي ڏکن کي آواز ڏنو ۽ جنهن جي پرجوش قيادت پيپلز پارٽيءَ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بنائي ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ جي انھن ڏھن دستاويزن ۾ ملڪ جي معاشري کي اڏوھيءَ وانگر کائيندڙ سمورن مسئلن طرف ڌيان ڏنل ھو.ملڪ جي صوبن وچ ۾ صوبائي اڻ برابري، صوبائي خودمختاريءَ ۽ خود اختياري جو مسئلو،شھري آزادين، اقليتن جي حقن، عورتن جي حقن، ھارين ۽ مزدورن جي حقن، تحرير ۽ تقرير ذريعي پنھنجن ويچارن کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ جي آزاديءَ سميت ميڊيا جي آزادي،معاشري ۾ رشوت خوري ، نفسا نفسي ۽ ڪٽنڀ نوازي،حڪومت جي اهليت تان عوام جو اعتماد کڄي وڃڻ، غريب ۽ محنت ڪش طبقي جي حقن ۽ خواهشن کي بيدرديءَ سان چپڻ ۽ چيڀاٽڻ، هارين ۽ مزدور طبقي ۾ بي تنظيمي ۽ منجھائيندڙ منزل جو احساس، سفيد پوش ۽ پگھاردار طبقي جو زندگيءَ جي جائز ضرورتن لاءِ ترسڻ، خود غرضي ۽ ذاتي نفعو حاصل ڪرڻ جي حوس، تعليم ۽ نوجوانن جي ڀلائيءَ کي قومي ترقيءَ جو سرچشمو سمجھڻ، حڪومتي پاليسين ڪري ملڪي ناڻي جي ذخيرن جي تباھي،برداشت کان ٻاھر وڌندڙ قيمتن جو آزار،پرڏيهي پاليسين ۾ تضادن سبب وڌندڙ تلخين، قدامت پسنديءَ ۽ رجعت پسنديءَ جي مخالفت ۽ ھڪ مثالي معاشري جي تعمير شامل ھئا.قائد عوام جي چواڻي ” عوام جي غربت ناقابل بيان آهي ، ان جي باوجود اهي بهتر مستقبل جي اميد رکن ٿا . بُک سبب مائرن جي ڇاتين ۾ پنهنجن ٻارن کي پيارڻ لاءِ کير نہ رهيو آهي . آفتن ۽ مصيبتن پيئرن جي اکين جا ڳوڙها سڪائي ڇڏيا آهن . هيءُ خدا جو قانون نہ آهي تہ عوام نا اميديءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار رهن ۽ سندن ٻار بُک ۽ اُڃ وگھي مري وڃن . پاڪستان جو عوام بهتر زندگي چاهي ٿو ، اهي اٽو ، لٽو ۽ اجھو گھرن ٿا . حڪمرانن جا ڪن ٻوڙا ۽ ڪامورا شاهيءَ جون دليون ٿڌيون ٿي چڪيون آهن .“پر معاشري جا اھي ناسور نہ فقط جيئن جو تيئن موجود آھن پر انھن ۾ ٻيڻ چئوڻ تي اضافو ٿي ويو آھي، قائد عوام ، ملڪ جي عوام جو رت چوسيندڙ 22 خاندانن جو ذڪر ڪندي ، انهن خلاف جدوجهد ڪئي هئي ، پر اڄ 22 لک خاندان ، ڪِيٽَ وانگر چنبڙي عوام جو رت چوسي رهيا آهن . حڪمرانن پاران بي پھچ ماڻھن جي زمينن تي زبردستي قبضا ٿي رھيا آھن، حڪمرانن پاران قتل ٿيندڙن جي مرضيءَ مطابق ايف آئي آر بہ داخل نٿا ٿين، شھرين کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، صوبن جا وسيلا لٽيا ۽ ڦريا پيا وڃن ۽ مرڪز ڌاڙيل جو روپ اختيار ڪري چڪو آھي، سموري سنڌ ڌاڙيلن حوالي آھي روز ڀنگ خاطر اغوائن جا واقعا ٿي رھيا آھن ۽ ڪنھن جي بہ زندگي ۽ عزت محفوظ نہ آھي پر هاڻي ماڻهون ان تي راضي نٿا ٿي سگھن تہ هو فقط ماضيءَ ڏانهن ڏسندا رهن ۽ نہ ئي اهي موجوده حالتن جي سنگينيءَ کي وڌيڪ دير برداشت ڪري سگھن ٿا. عوام چاهي ٿو تہ عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هڪ نئون نظام قائم ڪيو وڃي ، جنهن ۾ ملڪ جي ڪروڙين عوام جي بنيادي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ٿي سگھي. عوام کي اھڙي جمھوريت جي ضرورت آھي، جنھن ۾ قانون جي نظر ۾ سڀني جي برابر حيثيت ھجي، جنھن ۾ سڀني لاءِ ھڪجهڙو معاشي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف ھجي، جيڪو سڀني لاءِ روزگار جا ھڪجيترا موقعا پيدا ڪري ۽ کين معاشي ڦرلٽ کان محفوظ رکي سگهي. مير ذوالفقار علي ڀٽو اھا حقيقي دعويٰ ڪري ٿو تہ ھو ئي اصل پيپلز پارٽي آھي تنھنڪري اھو شايد وڌيڪ بھتر ٿئي ھا تہ ھو پيپلز پارٽي (شھيد ڀُٽو) کي ئي منظم ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن کان تلوار جو نشان گهري، جيڪو زرداريءَ واري پيپلز پارٽي کي 2018 ۾ مليو پئي پر انھن نہ ورتو. يقينن عوام شھيد ڀٽي جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ شھيد جي فرزند سان پيار ڪن ٿا پر عوام جي نجات لاءِ مضبوط پروگرام ھئڻ بہ اھم آھي.جيڪڏھن ھونئين پارٽي ٺاھي ٿو تڏھن بہ شھيد ڀٽي جي پارٽيءَ جي پروگرام ۽ سندس آخري خط کي سامھون رکي پروگرام جوڙيندو تہ يقينن کيس زبردست عوامي موٽ ملندي. ڀٽي صاحب پارٽي ٺاھن وقت ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ رشيد، مير رسول بخش ٽالپر، عبدالحفيظ پيرزادي، ممتاز علي ڀٽي، معراج محمد خان، حيات محمد شير پائو، مصطفيٰ کھر، تاج محمد لانگاھہ، جي اي رحيم ۽ حنيف رامي جهڙن سوشلسٽن ۽ با اصول سياست دانن جي ٽيم ساڻ کنئي ھئي. مير ذوالفقار علي ڀٽي کي بہ نوجوانن سان گڏ ترقي پسندن، قانون دانن، اديبن ۽ شاعرن جي ٽيم جوڙڻي پوندي. جيڪڏھن مير ذوالفقار علي ڀُٽي جي نئين پارٽيءَ جو ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھہ سان اتحاد ٿئي ٿو ۽ ٻئي گڏجي ٻين قومپرست ڌرين کي بہ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا ۽ ملڪ گير ترقي پسند ۽ جمھوريت پسند پارٽين سان بہ گڏجي ھلن ٿا تہ يقينن سنڌ ۾ ھڪ ڀرپور انقلابي تحريڪ ڀرپا ڪري سنڌ کي مرڪز جي ڦرلٽ کان بچائي سگهن ٿا. ڏسڻو اھو آھي تہ نئين وجود وٺندڙ پارٽيءَ جو پروگرام ڇا آھي ۽ قيادت عوامي رابطا رکڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪري ٿي، ٻين قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين ڏانھن سندس رويا ڪھڙا آھن ان لاءِ اسان کي اڃا ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا آزادي ملهائڻ واري قوم آزاد آهي ؟
13th Aug 2025
•
سندھ
سافکو گروپ کا جشن آزادی تقریب کا انعقاد، آزادی کے لیے عظیم قربانیاں سندھ نے دیں ہیں: صابر قائم خانی
13th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان اللہ تعالیٰ کا انعام ہے اس کی قدر کرنی چاہیے۔ دو قومی نظریہ اسلامی و خوشحال پاکستان ہی ملکی سالمیت اور قوم کی ترقی کا ضامن ہے؛ سابق ایم این اے اسداللہ بھٹو
12th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڊاڪٽر رٿ فائو — پاڪستان جي مدر ٽريسا ۽ جذام جي خاتمي جي علمبردار
13th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا آزادي ملهائڻ واري قوم آزاد آهي ؟
13th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن، بدامني، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف نائين ڏينهن ۾ سنڌ ۾ مظاهرا
13th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سافڪو پاران جشن آزادي تقريب: آزاديءَ لاءِ وڏي قرباني سنڌ ڏني آهي: صابر قائمخاني
13th Aug 2025
•
سندھ
سافکو گروپ کا جشن آزادی تقریب کا انعقاد، آزادی کے لیے عظیم قربانیاں سندھ نے دیں ہیں: صابر قائم خانی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
junior zulfiqar ali bhutto
جونيئر ڀُٽو ۽ زين شاھہ
سيد يوسف شاھہ
0 تبصرے