ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، پنج زخمي

بروهي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مزدور محبت ناريجو مارجي ويو

ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، پنج زخمي

شڪارپور( احسان ابڙو ) شڪارپور جي ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي مالڪي ۽ قبضي جي معاملي تان بروهي ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سخت جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ شخص قتل ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا تفصيل موجب، شڪارپور ڳڙهي ياسين ويجهو پيرزادو باغ واري علائقي ۾ علي حسن بروهي ۽ سڄڻ جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تي ڇڪتاڻ وڌڻ بعد جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ جتوئي برادري جا شهپر ولدوھيل جتوئي ۽ محمد سومر ولد عالم خان جتوئي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بروهي برادري جا ٽي ڄڻا زخمي ۽ هڪ مزدور محبت ناريجو موقعي تي مارجي ويو اطلاع ملڻ تي ڳڙهي ياسين پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ وڌيڪ جاني نقصان کان بچايو. پوليس موجب، واقعي کان اڳ علي حسن بروهي زمين تي قبضي بابت ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس طرفان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ علائقي جي صورتحال تي سخت نظر رکي پئي وڃي