ڏوڪريءَ ۽ باقراڻي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن
ڏوڪري (رپورٽر)پيپلزپارٽي جي سياست عوام جي خدمت واري سياست آهي،پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوامي خدمت ڪري رهيا آهيو. (عادل الطاف انڙ، تفصيل موجب پيپلزپارٽي ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ ڏوڪري ۾ مختلف برادرين ڏيرا،سومرا،ٻگهيا،گاڏھي،ڀٽي برادرين سان تعزيتون ڪيون.انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي عادل الطاف حسين انڙ چيو پيپلزپارٽي جي سياست عوام جي خدمت واري سياست آهي،پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوامي خدمت ڪري رهيا آهيون.ھن چيو ته ڏوڪريءَ ۽ باقراڻي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن.ھن چيو ته اسان جي وڏڙن به عوامي خدمت واري سياست ڪئي ۽ اسان به انهن جي نقش قدم تي هلندي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيو ۽ ڪندا رهندا سين.انهي موقعي تي ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر،لياقت علي سومرو، رئيس مظفر چانڊيو،حبيب ﷲ کوکر ۽ ٻيا گڏ ھئا.
0 تبصرے