English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ سنڌي فنڪارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت ٻه اکيائي ڪندي اهو تاثر ڏنو آهي ته يا ته سنڌي فنڪار محب وطن ناهن يا ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي:مظاھرين
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميلوحا آرٽ سرڪل جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر عزيز ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج سنڌ حڪومت طرفان رٿيل "معرڪه حق" جشن آزادي پروگرام مان سنڌي فنڪارن کي بي دخل ڪرڻ خلاف ڪيو ويو. احتجاج ۾ اداڪار، گلوڪار ۽ ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن احسن جمالي، اصغر جوڻيجو، اصغر ميراڻي، آصف ڀٽو، ڪي بي ميتلو، اي ڊي جماڻي، واحد جماڻي، ثنا بلوچ، جي آر ساگر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري منور جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻه اکيائي ڪندي اهو تاثر ڏنو آهي ته يا ته سنڌي فنڪار محب وطن ناهن يا ڪراچي سنڌ کان الڳ آهي. هن چيو ته فنڪارن کي جشن آزادي جي وڏي پروگرام ۾ شريڪ نه ڪرڻ سان فنڪار برادري ۾ شديد ڪاوڙ ۽ رنج پيدا ٿيو آهي، جيڪا ويساهه گهاتي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪئي وڃي ته آخر ڇو سنڌي فنڪارن کي وطن جي آزادي جي ڏينهن تي وطن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو. ڪراچي ڊويزن جي صدر عزيز ڀٽو چيو ته وطن سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو ڪو قيد نٿو هجي. “اسين سڀ پاڪستان جا محب وطن آهيون، پر ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت پاران جشن آزادي پروگرام مان سنڌي فنڪارن کي بي دخل ڪري دل آزاري ڪئي وئي آهي.”
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ميلوحا آرٽ سرڪل جي سڏ تي ڪراچ
0 تبصرے