سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس صلاح الدين پنھور جي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ آمد، گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس صلاح الدين پنھور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پُھتو، گارڊ آف آنر پاڻ نه ورتو، پاڻ اسيمبلي ۾ شاگردن سان گڏ بيٺو ۽ گارڊ آف آنر استادن کي پيش ڪيو ويو، ڪاليج ۾ قائم پنھنجي ڀاءُ مرحوم جلال الدين پنھور جي نالي سان قائم ڪيل ليب جو افتتاح ڪيو ويو ۽ ڪلاس رومن جي وزٽ ڪئي ويئي خبر موجب سپريم ڪورٽ جو جسٽس صلاح الدين پنھور ھڪ ڏينھن جي دوري تي عمرڪوٽ پھتو جتي جسٽس صلاح الدين پنھور گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ پهچي پنهنجي ڀاءۡ مرحوم جلال الدين پنهور جي نالي سان قائم ڪيل ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪري ڪلاس روم وزٽ ڪيا ۽ شاگردن کان تعليمي سرگرمين بابت حال احوال ورتو، ان موقعي تي پوليس طرفان جسٽس صلاح الدين پنھور کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو پر جسٽس گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پوليس کي هدايتون ڪيون ته گارڊ آف آنر مونکي نه پر استادن کي پيش ڪيو گارڊ آف آنر جا حقدار استاد آهن آئون عام ماڻهو آهيان، جسٽس پاڻ شاگردن سان گڏ بيھي استادن کي سلام پيش ڪيو ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنھور استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندَي چيو ته استادن جي ڪري اسان هن منصب ته آهيون استاد عظيم پيشو آهي استاد جي عزت اسان تي فرض آهي، عمرڪوٽ ۾ نياڻين جي تعليم ڪٿي نظر نٿي اچي ان جا اسان سڀ ذميوار آھيون نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ وقت جي ضرورت آهي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تہ مون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي شاگردن جي اکين ۾ جوت ڏٺي آهي، اڄ هتي اچي خوشي ٿي ته شاگردياڻيون تعليم لاءِ اڳتي اچن پيون، پر اسان کي انهن لاءِ حقيقي سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، تعليم سندن حق آهي، احسان ناهي، هن چيو ته اسان وٽ تعليم صرف بلڊنگن تائين محدود نه هجڻ کپي، اسان کي اسٽوڊنٽ سينٽرڊ پاليسين جي ضرورت آهي، سنڌ جو شاگرد صرف ڪتاب تائين محدود نه هجڻ کپي، ان کي ليب، وائي فائي، ريسرچ، ۽ سولر انرجي تائين رسائي حاصل هجڻ کپي، تعليم تي سيڙپڪاري صدقو جاريہ آهي، مان حڪومت، آفيسرن ۽ استادن کي اپيل ٿو ڪريان ته علم کي عبادت سمجهي خدمت ڪن ھن چيو ته سنڌ ۾ 3 سئو کان مٿي ڊگري ڪاليجز آھن پر انھن ۾ ڊگري پروگرام نه پئي ھليا ۽ 40 سال سنڌ جي نوجوانن سان دوکو ۽ فراڊ ٿيو آهي، جڏهن آئون جسٽس هاءۡ ڪورٽ حيدرآباد هئس ته سرڪاري ڪاليجن کي بهتر ڪرڻ لاءۡ هدايتون جاري ڪيون هنيون اڄ عمرڪوٽ جي ڪاليج ۾ شاگردن سان ملاقات ڪري خوشي ٿي، سرڪاري ڪاليجن ۾ مختلف شعبن ۾ چار سالا بي ايس پروگرام شروع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون هنيون سنڌ جي مختلف سرڪاري ڪاليجن ۾ چار سالا بي ايس پروگرام شروع ڪيا آهن عمرڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ چار سالا بي ايس ڪيمسٽري جو پروگرام هلي پيو جيڪو خوش نصيبي آهي، مسئلن بابت ماڻھو ڪورٽن ۾ پٽيشنز فائل ڪن، معاشري ۾ اوھان صحافين جو بہ اھم ڪردار آھي اوھان به گھڻو سچ لکو اسان کي به سچ چئو ان موقعي جسٽس صلاح الدين پنھور پاران ڪاليج ۾ ٻوٽو پوکي شجرڪاري جو افتتاح ڪيو شاگردن شاگردياڻين پاران درپيش مسئلن بابت آگاہ ڪيو جنھن بعد جسٽس صلاح الدين پنھور حڪم جاري ڪندي سي ايم او عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاهه کي ڪمپيوٽر ليب لاءِ ٻه ايئرڪنڊيشنر لڳائڻ جو حڪم ۍ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ کي ليب ۾ سولر سسٽم ۽ ڪاليج ۾ پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ميرچند اوڏ، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر عبدالروف سومرو، پروفيسر پرتاب راء ميگھواڙ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ ۽ ٻيا اعلي عملدار موجود ھئا
0 تبصرے