بيروزگاري سبب نوجوان منشيات جي واهپي ۽ ڏوهاري سرگرمين طرف مائل ٿي رهيا آهن: سيد خدا ڏنو شاھ ۽ ٻيا
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ضلعي ملير جي هيڊڪوارٽر رزاق آباد ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي، نوجوانن جي بيروزگاري ۽ امن امان جي خراب صورتحال خلاف علائقي جي مختلف برادرين جي معززن طرفان گڏيل راڄوڻي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي انڊيجنيس رائٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاھ، غني گبول، حاجي اجمل ڪلمتي، محمد اعظم شيخ، ولي محمد گبول، حسين بخش ڪلمتي، اقبال ڪلمتي، هارون شاھ ۽ نبي بخش شيخ، لعل محمد ڪلمتي، جعفر شاھ. انور شاھ، عبدالله شاھ سميت ٻين اڳواڻن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته رزاق آباد تيزي سان وڌندڙ آباديءَ وارو علائقو بڻجي چڪو آهي، جتي پوليس سينٽر، ٽائون آفيس، واٽر بورڊ، اسپتال، تعليمي ادارا ۽ انڊس موٽر شوروم سميت ڪيترائي صنعتي ادارا موجود آهن، پر افسوس جو مقام آهي ته هتي جي مقامي نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. انهن ادارن ۾ ٻاهران، خاص طور تي ٻين صوبن مان ماڻهن کي آڻي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ان سلسلي ۾ تازو ايگرو ٽڪنيڪل اسڪول ۾ معذورن جي ڪوٽا تي رزاق آباد جي معذورن کي نظر انداز ڪندي پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ کي ڀرتي ڪيو ويو آھي جيڪا وڏي ناانصافي آهي اڳواڻن چيو ته بيروزگاري سبب نوجوان منشيات جي واهپي ۽ ڏوهاري سرگرمين طرف مائل ٿي رهيا آهن، جيڪا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي. اهو سڀ پوليس، انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي جو نتيجو آهي، جيڪي خاموش تماشائي بڻيل آهن ميڙاڪي دوران ايڪشن ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن کي علائقي جي جائز انساني، آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ جدوجهد جي ذميواري سونپي وئي. اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن مسئلن جو حل نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي راڄوڻي ميڙاڪي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نوڪرين ۾ مقامي نوجوانن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف سنڌ حڪومت تعليم کاتي جي صوبائي وزير ملير مان چونڊيل نمائندن ٽائون چيرمينن سميت سمورن لاڳاپيل ڪامورن کي احتجاجي خط روانو ڪيو ويندو انهن مطالبو ڪيو ته رزاق آباد جي نوجوانن کي صنعتي ادارن ۾ روزگار ڏنو وڃي منشيات فروشن خلاف مؤثر آپريشن ڪيو وڃي رزاق آباد لاءِ مقامي ترقياتي پاليسي جوڙي وڃي امن امان جي بهتري لاءِ علائقائي سطح تي پوليس ۽ شهرين جو رابطو وڌايو وڃي.
0 تبصرے