جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي ن ليگ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد شاه محمد شاه سان ملاقات

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني قبيلائي تڪرارن ۽ خونريزي کي روڪڻ لاء حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو

جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي ن ليگ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد شاه محمد شاه سان ملاقات

نوشھرو فيروز (ڊ ر)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي غلام مرتضي جتوئي جي مسلم ليگ ن جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد شاه محمد شاه سان اھم ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورت حال تي ڳالھ ٻولھ ٿي۔ مسقبل جي سياسي حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ٻنھي اڳواڻن آئينده ملڪي سياست ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاء ڊائلاگ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو۔۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني قبيلائي تڪرارن ۽ خونريزي کي روڪڻ لاء حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو هنن چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي زيرو هجڻ سان گڏ حڪمرانن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي