مظلومِ ڪربلا جي معصوم نياڻي سانئڻ سڪينه سلام الله عليها..!!

شاهه خالد ڏاتاري

مظلومِ ڪربلا جي معصوم نياڻي سانئڻ سڪينه سلام الله عليها..!!

ڪائنات ۾ اها بد بخت اک آهي جيڪا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي انھي ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام جي سر بلنديءَ لاءِ ڏنل عظيم قرباني کي ياد ڪندي غمِ حسين عليه السلام ۾ ڳوڙها نه ٿي هاري. ڪربلا جي ميدان ۾ دينِ اسلام جي سر بلنديءَ لاءِ پنھنجو سڀ ڪجهه لٽائيندڙ ڪربلا جا شھيد ڪي عام شھيد نه آهن، هي ڪربلا جي ميدان ۾ پنھنجين جانين جا نذرانا ڏيندڙ اهي شھيد آهن جن جي صدقي اڄ پوري دنيا ۾ اسلام جو علم اونچو آهي. حضرت امام حسين عليه السلام جن جي انھي ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل عظيم قربانيءَ کي ياد ڪندي سموري دنيا ۾ موجود مؤمنن جون اکيون غمِ حسين عليه السلام ۾ آليون آهن. حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام کي بچائڻ لاءِ پنھنجو سڀ ڪجهه لٽائي باطل کي مٽائي محشر تائين ڌرتيءَ جي گولي مٿان اسلام کي هميشه هيمشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو
دين ناني صه جو بچايو آ حسين عه
خون پنھنجي سان سجائي ڪربلا
ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جن کي ملعون يزيد جي سپاهين پاران شھيد ڪرڻ کانپوءِ سادات جي خيمن کي باهيون ڏنيون ويون ملعون يزيد جي سپاهين پاران سادات جي خيمن کي ساڙڻ بعد تمام مستورات، معصوم ٻارڙن کي قيد جا زيور پارائي پاڻ ساڻ شام ڏانھن وٺي هليا سادات جي انھن معصوم ٻارڙن ۾ مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا به هئي. سادات جي خيمن کي باهيون ڏيڻ بعد ملعون يزيد جي سپاهين لٽ مچائي ملعون جي انھن ملعونن مان هڪڙي ملعون شمر لعين مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جي ڪنن مان دُرَ (والا) لاٿا. دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته اڄ به ڪنھن گهر ۾ معصوم نياڻي دُرَ (والا) ته خوشي سان پائيندي آهي مگر لاهڻ لاءِ پنھنجي امڙ کي به ايذاءَ جي بچاءَ لاءِ چوندي رهندي آهي. مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي انھيءَ چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جي دُرَ لهڻ لاءِ مون لکيو آهي مگر حقيقت ۾ مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جا ملعون شمر ڪميني دُرَ لاٿا نه بلڪه ڇنا هئا. ڇوجو دُرَ لاهڻ ۽ ڇنڻ ۾ تمام گهڻو فرق ٿيندو آهي دُرَ جڏهن لاهبا آهن ته دُرَنِ ۾ رنڊڪ کي هٽائبو آهي ته پوءِ اهي دُرَ آسانيءَ سان معصوم نياڻي جي ڪنن مان بنان ڪنھن ايذاءَ جي لھي ايندا آهن. انھي ڪميني ملعون شمر لعين مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جي ڪَنَنَ مان اهي دُرَ بنان رنڊڪ هٽائڻ جي ڇنا جنھنجي ڪري مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جي ڪنن مان خون جاري ٿيو
هئه ڏاڍو ڏُکايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي،
وِک وِک تي سَتايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
دريا تان غازيعه ڪو نه وريو، ڪربل ۾ حسين عه جي قتل کانپو،
آ قيدي بڻايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
ڪربل کان ڪوفي شام تائين، پل هڪ ڀي چينُ نه پاتائين،
هرپل جِهڻڪايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
تقدير ڪيو ماتم برپا، بي جرم خطائن جي جو سزا،
زندانُ ٻُڌايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا بابي جي جدائي بعد سموري سفر ۾ ملعونن جا ستم سھندي رهي. سادات جو جيئن قافلو شام پهتو ته ان وقت جي ملعون حاڪم مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي انھيءَ چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن کي شام جي زندان جي قيد ۾ اڪيلو قيد ڪري ڇڏيو جتي مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا پنھنجي پياري بابي کي ياد قيدخاني ۾ ساريندي رهي. مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي اها چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا پنھنجي بابي حضرت امام حسين عليه السلام جن جي سيني تي سمهندي هئي جيڪا بابي جي جدائيءَ کان بعد شام جي زندان ۾ خاڪ تي ڏينھن گذاري، 13 صفر تي گذاري وئي
هڪ ميري چولي ۾ معصومه، بيمارَ روئيندي دفنائي،
نه ڪفن پارايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه کي.
سفرن ۾، قيد ۾، قبر اندر، رت جاري رهيو رخسارن مان،
اهڙو گهاءُ رسايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
پاڻي ڏيکاري بيبيعه کي، پئي شمري هاريو رَيتِ مٿان،
ڍُڪَ لاءِ سِڪايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي
. ”فياض“ رهي جيسين جيئري، هروقت رهي رڳو روئيندي،
اهڙو ته رنجايو مسلمانن، سجادعه جي ڀيڻُ سڪينه عه کي.
13 صفر جي ڏهاڙي تي تمام مومن مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جي شھادت جي ڏهاڙي تي مجلسِ عزا منعقد ڪري، سينه زني ۽ زنجير زني ڪندا آهن، هر مومن جي اک آلي نظر ايندي آهي، هر نيڻ مان لڙڪ وهندي نظر ايندا آهن، هر سينو ماتمِ حسين عليه السلام ڪندي نظر ايندو آهي. مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا جن جا مصائب لکڻ ڪنھن بني بشر جي وس جي ڳالهه ناهي. ڇو ته ملعون يزيد جي ملعون سپاهين مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا تي ڪربلا کان شام تائين ستم ڪندا رهيا ۽ مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چئن ورهين جي معصوم پياري نياڻي بيبي سانئڻ سڪينه سلام الله عليھا ستم سھندي 13 صفر تي شام جي قيدخاني ۾ گذاري وئي.