عمرڪوٽ ۾ معرڪہ حق، ايسسٽيو ڊوائيز، اسڪيل ڊولپمينٽ ۽ وڪيشنل سينٽر جي افتتاحي تقريب

سماجي تنظيم ايس ٽي ايل ايف جو بنياد 2016 ۾ آيو، جنھن جا 2000 ھزار ورڪر آھن: راڻا همير سنگهه سوڍو

عمرڪوٽ ۾ معرڪہ حق، ايسسٽيو ڊوائيز، اسڪيل ڊولپمينٽ ۽ وڪيشنل سينٽر جي افتتاحي تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم سيو دي لائيوز فائونڊيشن پاران( DEPD ) ڊپارٽمينٽ آف ام پاورمينٽ آف پرسنس وٿ ڊس ايبيليٽيز جي گڏيل سھڪار سان سليمان شادي ھال ۾ جشن آزادي، معرڪہ حق، ايسسٽيو ڊوائيز، اسڪيل ڊولپمينٽ ۽ وڪيشنل سينٽر جي افتتاح جي حوالي سان ھڪ پر وقار تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ايم پي اي سنڌ اسيمبلي راڻا همير سنگھ سوڍو پاران مھمان خصوصي طور شرڪت ڪئي، جڏھن تہ پروگرام ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ريجنل ڊائريڪٽر (DEPD) ڊپارٽمينٽ آف ام پاورمينٽ آف پرسنس وٿ ڊس ايبيليٽيز ميرپورخاص حميد احمد ڏھاڻي ، ڊي ايس پي اقبال منگريو، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، پير سيد راحيل شاھ اعزازي مھمان طور شريڪ ھئا، ان موقعي تي مھمان خصوصي ايم پي اي راڻا همير سنگهه سوڍو تقريب کي خطاب ڪندي جشن آزادي و معرڪہ حق جي حوالي سان مبارڪباد ڏيندي چيو تہ سماجي تنظيم ايس ٽي ايل ايف جو بنياد 2016 ۾ آيو، جنھن جا 2000 ھزار ورڪر آھن، جنھن جي ڪاميابي 2022 جي ٻوڏ ۾ نظر آئي ۽ ملڪ جي ھڪ تمام وڏو ٽينٽ سٽي قائم ڪيو ھن سي اي او ايس ٽي ايل ايف ڪنياموھن لال کي مبارڪون ڏنيون ، ھن وڌيڪ چيو تہ معذور ماڻھن جي حوصلا افزائي جي لاءِ اسان سنڌ حڪومت وڏي وزير سنڌ مراد علي شاھ جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪيون پيا، اھي معذور ماڻھو اسان جي معاشري جا اھم فرد آھن، ھن چيو تہ اسان کي معذور ماڻھن جي لاءِ سموري ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي تہ جيئن انھن کي انھن جا حق ڏئي سگھجن، ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان جي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي وڏڙن جون تمام وڏيون قربانيون آھن، منهنجي ڏاڏي راڻا ارجن سنگھ جو اھم ڪردار آھي، اسان کي پنهنجي آزادي جو قدر آھي، ان موقعي تي ھن معذور ٻارن ۽ ٻين مھمانن سان گڏ پاڪستان زندہ باد جا زوردار نعرا پڻ لڳايا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ خطاب ڪندي چيو تہ معذور ٻار معاشري جو حصو آھن، انھن ٻارڙن ۾ خصوصي صلاحيتون موجود هونديون آهن، اسان کي انھن ٻارڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ انھن کي ھر پليٽ فارم تي موقعو ڏيڻ گھرجي تہ جيئن اھي ٻار اسان جي معاشري ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن، سموري دنيا ۾ معذور ماڻھن جي ھڪ الڳ حيثيت آھي، ھن وڌيڪ چيو تہ سرڪار سطح تي معذور ماڻھن جي لاءِ مختلف پروگرام ھلندڙ آھن ۽ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ سيو دي لائيوز فائونڊيشن وانگي سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو خاص طور تي سول سوسائٽي کي بہ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ معذور ماڻھن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرعزم رھڻ گھرجي، ان موقعي تي سماجي تنظيم سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪنيا موھن لال ڳالائيندي چيو تہ اسان سنڌ حڪومت وڏي وزير سنڌ ۽ سڀني ادارن جا شڪرگزار آھيون جيڪي ھن ڪم ۾ اسان سان گڏ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آھن، ھن وڌيڪ چيو تہ اسان ھنن ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ھنر جو سکيا گھر ٺاھيو آھي، جيڪا سڀني معزور ٻارن جي ھنر مند ڪندي ۽ روزگار جي لاءِ موقعا ملندا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ريجنل ڊائريڪٽر (DEPD ) ميرپورخاص حميد احمد، غلام مصطفي کوسو، مير حسن آريسر، علي اڪبر راهمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن تہ پروگرام ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، ایم ایس سول اسپتال ڊاڪٽر فريد احمد ھنگورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ٽائون آفيسر اويس سميجو، مهراج چتين جوسي ، سوائي بجير ،ڪرشن بجير ،سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن جي سي اي او غلام مصطفي کوسو، سي ڊبليو ايس اي جي ڪرن بشير، ڪنول موھن لال، سماجي تنظيم اويئر جي علي اڪبر راهمون، سماجي تنظيم ھينيڊز جي امام بخش خاصخيلي، سرسو جي امتياز کوسو، سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو، عبدالجبار ڪنڀر، عيدل ڪنڀر، گوتم سنگراسي سميت صحافين ٻيا پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پروگرام ۾ اسپيشل ايجوڪيشن و ريھيبليٽيشن سينٽر عمرڪوٽ جي اسڪول جي معذور شاگردن توڙي شاگردياڻين جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٽيبلوز، قومي نغما، گيت توڙي تقريرون پڻ ڪيون، جڏھن تہ پروگرام جي آخر ۾ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي راڻا همير سنگھ سوڍو ۽ معزز مھمانن پاران ھڪ سئو کان وڌيڪ معذور ماڻھن ۾ اسسٽيو ڊوائيس جنھن ۾ ويلچيئرز، ٽرائي سائيڪلون، واڪرز، بيساڪي پڻ ورھايا ويا.