ملير: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن جو فيسن ۾ واڌ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ڪاليج جي پرنسپال پاران فيس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، جيڪا شاگردن جي وس کان ٻاهر آهي: شاگرد اڳواڻ

ملير: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن جو فيسن ۾ واڌ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن پاران فيسن ۾ غيرمعمولي واڌ خلاف ملير سٽي جي قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي ڌرڻي جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻن گل زمان جکراڻي، حسيب پتافي، آغا ڪاشف حسين، انعام علي ۽ عابد بوزدار ڪري رهيا هئا احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته ڪاليج جي پرنسپال پاران فيس ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، جيڪا شاگردن جي وس کان ٻاهر آهي ڌرڻي دوران ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي، جنهن سبب مسافرن کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي ۽ مظاهرين سان ڳالهيون شروع ڪيون، پر شاگردن احتجاج ختم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.شاگردن جو مطالبو آهي ته فيسن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ذميوار پرنسپال خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي طرف ڪاليج جي پرنسپال رياض لنڊ بلوچ مظاهرو ڪندڙ جي دعوا کي رد ڪندي چيو آهي ته في م واڌ جو اختيار مون کي ناهي اهو بورڊ جو اختيار آهي جنهن جو اڃان اجلاس ناهي ٿيو ته في ڪنهن وڌائي آهي هن چيو ته ڪراچي جي ٽن لاڪاليج مان گهٽ م گهٽ في ميمڻ ڳوٺ لا ڪاليج جي آهي باقي شاگردن کي اڳواٽ تجويز ڪيو ويو آهي ته ممڪن آهي فيس واڌ ٿئي