نوشهروفيروز ۾ معرقه حق جي حوالي سان راندين جا مقابلا شروع،ڀريا ۽ محرابپور جي ٽيمن ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا

پپو راڄپر جي ٽيم 12پوائنٽون کڻي مقابلو کٽي ورتو، کين گولڊ ميڊل ۽ نقد انعام ڏنو ويو

نوشهروفيروز ۾ معرقه حق جي حوالي سان راندين جا مقابلا شروع،ڀريا ۽ محرابپور جي ٽيمن ۾ ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا

نوشھروفيروز(ڊ ر) يوم آزادي جي سلسلي ۾معرقه حق جي مناسبت سان سموري ضلعي ۾ راندين جو سلسلو شروع ٿي ويو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشھرو فيروز جي گرائونڊ تي ڈسٹرکٹ اسپورٽس پاران ڪٻٽي جو مقابلو ڪرايو ويو۔اسپورٽس گرائونڊ تی پاکستان زندہ آباد جي نعرن سان شروعات ڪئي وئي۔ڪٻٽي جو مقابلو ٻن گروپن ڀرياجي حاجي خان مڱريو ۽محرابپور جي پپو راڄپر جي ٽيمن ۾ ٿيو سخت مقابلي کان پوء پپوراڄپر جي ٽيم 12پوائنٽون کڻي مقابلو کٽي ورتو جڏھن ته سندس مقابلو ڪندڙ ٽيم حاجي مڱريو جي ٽيم صرف 9 پوائنٽون حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رھي ان موقعي تي کٽي آيل ٽيم کي گولڊ ميڊل ۽ نقد انعام ڏنو ويو ۽ھاريل ٽيم کي به انعام سان نوازيو ويو ان موقعي تي ڪٻٽي مقابلي جي صدارتي مھمان صدام حسين ميمڻ اسٽنٽ ڪمشنر چيو ته جشن آزادي ملھائڻ تي دلي خوشي ٿي آھي ھر سال جشن آزادي جو ڏينھن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو آھي پر ھن سال وڌيڪ تقريبون ۽ جشن ڪيا پيا وڃن ڇو جو اسان فوج ڀارت سان جنگ ۾ وڏي بھادري سان وڙھي چند ڏينھن ۾ ڀارت جي فوج کي لڪڻ تي مجبور ڪيو ھن سال ان جي خوشي وڌيڪ آھي ڊسٽٽرکٽ اسپورٽس آفيسر شھباز خان عباسي چيو ته اسان ھن سال پھرين آگسٽ کان وٺي سموري ضلعي جي اسڪولن ڪاليجن ۾ 14آگسٽ تائين جاري رھندو۔ اي سي موروچيو ته ڪٻيٽي راند کي ڏسي نوجوان پوڙھا ڏاڊا خوش نظر اچن پيا پاڪستان جا نعرا ھڻي ھندستان کي ٻڌائين پيا پاڪستاني قوم گڏ آھي ۔