English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني تي جمعيت علما اسلام جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد
67 views
|
03rd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي اندر بدامني ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي: مولانا عبدالرحمن ڏنگراچ
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني تي آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن جي ميزباني جمعيت علما۽ اسلام ضلع نوشهرو فيروز جي طرفان ڪئي وئي آهي منقعد ٿيل ڪانفرنس ۾ شهيد ڀٽو، جسم، دڪاندارن ايسوسيئيشن، تاجر برادري ،شهرين ، ايس يو پي ،اهل حديث، پي ٽي آء پڻ شرڪت ڪئي جنهن جي صدارت جميعت جي ضلعي امير مولانا عبدالرحمن ڏنگراچ ڪئي ڪانفرنس ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي مولانا عبدالرحمن ڏنگراچ خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر بدامني ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس جي وس جي ڳالهه ناهي ڇو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پوري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي پر پوليس بيوس بڻيل آهي هن چيو ته گذريل ٽن مهينن ۾ ٽي ايس ايس پي بدلي ٿي چڪا آهن پر پوءِ به امن قائم ناهي ٿي سگهيو جنهن ڪري هر ماڻهو پريشان حال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ڏوهاري قانون کي هٿ کنيو ويٺا آهن پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پوليس کي خبر آهي ته ڏوهاري ڪاٿي آهن جن جون لسٽون ايس ايس پي وٽ موجود آهن هن وڌيڪ چيو ته وڌندڙ بدامني پي پي حڪومت جي ناڪامي جو واضع دليل آهن زرداري مافيا کي پنهنجو اقتدار بچائڻ کانسوا۽ غريب مسڪينن جي جان و مال جي تحفظ جي ڪا ب پرواه ناهي عوام جيئي يا مري فقط هنن جو اقتدار محفوظ هجي پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري انتقامي ڪاروايون ختم ڪيون وڃن هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ضلعي اندر امن امان بحال نٿو ڪيو وڃي ت جمعيت علما۽ اسلام جلد ئي هڪ عوامي تحريڪ شروع ڪندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز ضلعي
مولانا عبدالرحمن ڏنگراچ
0 تبصرے