ملير ۾ سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ تقريب، اديبن، صحافين ۽ علائقي واسين جي شرڪت

ملير ۾ سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ تقريب، اديبن، صحافين ۽ علائقي واسين جي شرڪت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ سنڌ ڪلچر فورم جي سهڪار سان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تقريب، اديبن، صحافين ۽ علائقي معززن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش، اقبال شاهين سنڌي هجڻ باوجود اردو شاعري جي صاحب ڪتاب هجڻ وڏو ڪمال آهي سندس تخليقن ۾ اھي سمورا رنگ ۽ احساس رچيل آھن جيڪي ھڪ ذميوار شاعر جي شاعريءَ ۾ ھجڻ گهرجن خطاب، تفصيل موجب سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي جي سهڪار سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ۾ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن اديبن، صحافين ۽ علائقي معززن علي حسن خاصخيلي, عاجز قادر بخش سمون، صادق لاکو، عبدالغفار ميمڻ ،ذولفقار حيدر پرواز ، سيد عنايت علي شاھ ،ڪاشف اقبال شاھين انجنيئر عمران بشير، سنڌي ۽ اردو جي خوبصورت راڳي ماسٽر اياز علي، ياسين پنهور محمد ٻارڻ، احمر هالو، اقبال شاھين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اقبال شاهين 3 سنڌي ۽ 3 اردو ڪتابن آرسي جا عڪس، سخن شاهين ،حيات درد سميت 6 ڪتابن جو تخليقڪار آهي هو سنڌي هجڻ باوجود اردو شاعري جي صاحب ڪتاب هجڻ وڏو ڪمال آهي سندس تخليقن ۾ اھي سمورا رنگ ۽ احساس رچيل آھن جيڪي ھڪ ذميوار شاعر جي شاعريءَ ۾ ھجن هنن چيو ته ادب جي آبياري لاءِ اقبال شاھين جون تمام گهڻيون خدمتون آھن علم عروض جو تمام وڏو ڄاڻو شاعر آهي ھنن وڌيڪ چيو ته جاتيء کان جيڪب آباد ۽ ڪراچيء کان ڪشمور ٿر ،ڪاڇي ء ڪوھستان ۾ اقبال شاھين علم،شعور ء ادب جون بيمثال لاٽون ٻاريون آهن جنھن جي نتيجي ۾ سندس سوين شاگرد ۽ چاھيندڙ پيدا ڪيا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ توڙي اردو شاعريءَ جي کيتر ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ،صاحب رھاڻ اقبال شاھين پنهنجي ويچارن ۾ چيو ته آئون جيڪو ڪجھ به آھيان ھن مٽيءَ ۽ ٻوليءَ جي ڪري آھيان مون ڪا ادب جي وڏي خدمت ڪانه ڪئي آھي پر جيڪو به پورهيو ڪيو اٿم اھو پوري ايمانداريءَ ۽ خلوص سان ڪيو اٿم سنڌ ڪلچرل فورم ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي سموري سٿ جون مشڪور آهيان جن مون ناچيز کي تمام وڏي مڃتا ۽ محبتون ڏنيون آهن جن تي سندن دل سان مشڪور آهيان ،ان موقعي تي اقبال شاھين جي ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ ڪلچرل فورم پاران پريس ڪلب جي باغيچي ۾ گلن جو ٻوٽو پڻ سندس ھٿان پوکيو ويو ان موقعي تي سامي ميمڻ ۽ جمشيد زهراڻي پڻ خطاب ڪيو