English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ تقريب، اديبن، صحافين ۽ علائقي واسين جي شرڪت
104 views
|
03rd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ سنڌ ڪلچر فورم جي سهڪار سان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تقريب، اديبن، صحافين ۽ علائقي معززن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش، اقبال شاهين سنڌي هجڻ باوجود اردو شاعري جي صاحب ڪتاب هجڻ وڏو ڪمال آهي سندس تخليقن ۾ اھي سمورا رنگ ۽ احساس رچيل آھن جيڪي ھڪ ذميوار شاعر جي شاعريءَ ۾ ھجڻ گهرجن خطاب، تفصيل موجب سنڌ ڪلچرل فورم ڪراچي جي سهڪار سنڌي ۽ اردو جي نامياري بزرگ شاعر اقبال شاهين جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ۾ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن اديبن، صحافين ۽ علائقي معززن علي حسن خاصخيلي, عاجز قادر بخش سمون، صادق لاکو، عبدالغفار ميمڻ ،ذولفقار حيدر پرواز ، سيد عنايت علي شاھ ،ڪاشف اقبال شاھين انجنيئر عمران بشير، سنڌي ۽ اردو جي خوبصورت راڳي ماسٽر اياز علي، ياسين پنهور محمد ٻارڻ، احمر هالو، اقبال شاھين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اقبال شاهين 3 سنڌي ۽ 3 اردو ڪتابن آرسي جا عڪس، سخن شاهين ،حيات درد سميت 6 ڪتابن جو تخليقڪار آهي هو سنڌي هجڻ باوجود اردو شاعري جي صاحب ڪتاب هجڻ وڏو ڪمال آهي سندس تخليقن ۾ اھي سمورا رنگ ۽ احساس رچيل آھن جيڪي ھڪ ذميوار شاعر جي شاعريءَ ۾ ھجن هنن چيو ته ادب جي آبياري لاءِ اقبال شاھين جون تمام گهڻيون خدمتون آھن علم عروض جو تمام وڏو ڄاڻو شاعر آهي ھنن وڌيڪ چيو ته جاتيء کان جيڪب آباد ۽ ڪراچيء کان ڪشمور ٿر ،ڪاڇي ء ڪوھستان ۾ اقبال شاھين علم،شعور ء ادب جون بيمثال لاٽون ٻاريون آهن جنھن جي نتيجي ۾ سندس سوين شاگرد ۽ چاھيندڙ پيدا ڪيا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ توڙي اردو شاعريءَ جي کيتر ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ،صاحب رھاڻ اقبال شاھين پنهنجي ويچارن ۾ چيو ته آئون جيڪو ڪجھ به آھيان ھن مٽيءَ ۽ ٻوليءَ جي ڪري آھيان مون ڪا ادب جي وڏي خدمت ڪانه ڪئي آھي پر جيڪو به پورهيو ڪيو اٿم اھو پوري ايمانداريءَ ۽ خلوص سان ڪيو اٿم سنڌ ڪلچرل فورم ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي سموري سٿ جون مشڪور آهيان جن مون ناچيز کي تمام وڏي مڃتا ۽ محبتون ڏنيون آهن جن تي سندن دل سان مشڪور آهيان ،ان موقعي تي اقبال شاھين جي ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ ڪلچرل فورم پاران پريس ڪلب جي باغيچي ۾ گلن جو ٻوٽو پڻ سندس ھٿان پوکيو ويو ان موقعي تي سامي ميمڻ ۽ جمشيد زهراڻي پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ سنڌي ۽ اردو
سنڌ ڪلچر فورم جي سهڪار
بزرگ شاعر اقبال شاهين
0 تبصرے