محرابپور پپو راڄپر ۽ ڀرياروڊ جي حاجي مڱريو جي ٽيمن حصو ورتو، پپو راڄپر 12 پوائنٽون کڻي ميدان ماري ورتو
مخالف ٽيم 9 پوائنٽ حاصل ڪري سگهي، اي ڊي سي ون ون صدام حسين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شهباز عباسي۽ ٻيا موجود هئا
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس کاتي پاران معرڪه حق جي حوالي سان ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ محرابپور پپو راڄپر ۽ ڀرياروڊ جي حاجي مڱريو جي ٽيمن حصو ورتو جيڪو 12 پوائنٽون کڻي پپو راڄپر جي ٽيم ميدان ماري ورتو جڏهن ته مخالف ڌر جي ٽيم 9 پوائنٽ حاصل ڪري سگهي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون صدام حسين ميمڻ، پروگرام آرگنائيز ڪندڙ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر شهباز خان عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مسقيم قريشي ،استاد رفيق احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي جن کٽيندڙ ٽيم ۾ انعام ورهايا ۽ اي ڊي سي ون صدام حسين ميمڻ چيو ته پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي کي هرسال جيان هن سال به ڀرپور نموني سان ملهائڻ جون تياريون ڪري رهيا آهيون ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي جي لاءِ هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي
0 تبصرے