جيڪب آباد ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ احسان جمالي ۽ سميرا جمالي خوف ۾ ورتل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪوئٽه بلوچستان جي جوڙي جيڪب آباد ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ مائٽن جي خوف کان ڪراچي ۾ دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور، شريعت محمدي موجب پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جي مائيٽن طرفان نوجوان جوڙيِ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مارڻ جون ڌمڪيون انتظاميا کان تحفظ جي گهر،تفصيل موجب ڪوئيٽه جي رهواسي جوڙي احسان علي ولد عبدالغني جمالي، زال سميره ولد محمد عالم جمالي، جيڪب آباد ڪورٽ پهچي 3 جولائي 2025 تي شريعت محمدي موجب ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ورتو آهي, جوڙي ڪراچي ۾ صحافين کي نڪاح نامي سميت ڪورٽ جا حڪم نامه ڏيکاريندي چيو آهي ته اسان پنهنجي رضا خوشي سان نڪاح ڪيو آهي پر ڇوڪري جي مائٽن مصطفيٰ جمالي، لال بخش جمالي، ياسين جمالي ۽ ٻيا مائٽ اسان جي شادي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، ناري سميره جمالي جو چوڻ هو ته، مون پنهنجي رضا خوشيءَ سان احسان علي ولد عبدالغني جمالي، سان نڪاح ڪيو آهي مون کي نه ڪنهن ورغلايو آهي نه ڪنهن ڀڄايو آهي پوءِ به منهنجا مائيٽن ڪوئيٽا جي قائد آباد پوليس جي ذريعي اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن اسان زال مڙس ڪراچي ۾ دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهيون، انھن چيو ته اسان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي ڪو ڏوھ ناهي ڪيو اسان کي پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس سميت وزير اعلي سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ ڏيئي زندگي بچائي وڃي
0 تبصرے