English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آر آر سي ڏوڪري جي سنڌ سڌار چانورن جي ورائٽي اميد کان وڌيڪ اپت ڏني: ڊاڪٽر مظھر ڪيريو
222 views
|
28th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪجھ ورائٽيون پائيپ لائن ۾ آھن، جلد منظوري بعد مارڪيٽ ۾ آنديون وينديون: ڊي جي ايگريڪلچرل ريسرچ
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچرل ريسرچ ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو آھي ته صوبائي وزير محمد بخش مھر جي ڪوششن سان آر آر سي ڏوڪري جي سنڌ سڌار چانورن جي ورائٽي توقع کان وڌيڪ اپت ڏئي ھائبرڊ سيڊ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ڪجھ ورائٽيون پائيپ لائن ۾ آھن، جلد منظوري بعد مارڪيٽ ۾ آنديون وينديون. ڏوڪري جي زرعي تحقيقاتي اداري آر آر سي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڊي جي زراعت ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو ته ھاري ۽ آبادگار زرعي دوڪاندارن جا قرضي ھئڻ ڪري ناقص ھائبرڊ ٻج کڻڻ تي مجبور آھن، زراعت جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر جي ڪوششن سان مارڪيٽ ۾ موجود غير معياري ٻج ھٽائڻ جي ڪوشش جاري آھي، جنھن لاءِ زرعي تحقيق ۽ سيڊ ڪارپوريشن جي ميٽنگ ڪوٺائي آھي، ڪجھ غير معياري ٻجن جون ڪمپنيون پڻ بند ڪرايون آھن. ھن چيو ته آر آر سي جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اشرف سومرو رٽائر ٿيڻ ڪري ڪوشش آھي ته اداري جي ئي ڪنھن سينيئر آفيسر کي ڊائريڪٽر مقرر ڪرائجي. ھن چيو ته آر آر سي ڏوڪري جا ڪجھ آفيسر ھتان پگھارون کڻن ٿا پر ڪم ٽنڊو ڄام سينٽر تي ڪن پيا، جن کي جلد ٽرانسفر ڪري ڏوڪري موڪليو ويندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي ڊاڪٽر مظھر ڪيريو چيو ته چين ۽ فلپائين جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي موسم گھڻي تبديل آھي، ھتي گرمي ۽ ڪلائيميٽ چينج سبب سارين جا ٻہ فصل گڏ کڻڻ ناممڪن نه پر مشڪل ضرور آھن، ٻن فصلن تي اسان جا زرعي ماھر تحقيق ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته اداري ۾ ڊائريڪٽر، زرعي ماھر، آفيسر، ننڍا ملازم ۽ ھاري ھڪ ئي سسٽم جو حصو آھن، جيستائين رابطا بھتر نه ھوندا ايستائين ادارو ترقي نه ڪندو، اداري جي بھتري لاءِ پاڻ سمورن تحقيقاتي سينٽرن جو دورو ڪري بھتر ڪم ڪندڙ زرعي ماھرن جي حوصلا افزائي ڪندو آھيان. ان موقعي تي آر آر سي انچارج امجد شجراع، ڊائريڪٽر ٽنڊوڄام امداد سوھو، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ثناء الله سولنگي، زرعي ماھر نعيم شيخ، ارشاد دستي، اسٽيٽ آفيسر شبير خاصخيلي، اڪائونٽنٽ ارشاد جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر مظھر ڪيريو
RRC Dokri
صوبائي وزير محمد بخش مھر
0 تبصرے