English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 29جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
258 views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جسقم بشير قريشي پاران پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف عمرڪوٽ ۾ ڌرڻي جو اعلان
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جسقم شھيد بشير خان قريشيءَ جي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اعلان ڪيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڇهن ڪئنالن جي تعمير ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ عمرڪوٽ سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين نجي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف 29 جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ وڏي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جتي حڪومت کي سخت ڌيان ڏياريو ويندو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي الزام لڳايو ته وفاقي حڪومت سنڌ سان واعدو خلاف ورزي ڪندي ننڍن ڊيمز جي اڏاوت ذريعي سنڌو درياهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ انهن ڪئنالن لاءِ فنڊ مختص ڪري ڇڏيا آهن، هن وڌيڪَ چيو ته سنڌ سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ جي اشو تي رڳو زباني جمع خرچ ڪري رهي آهي، 30 جون تائين وڪيلن سان گڏجاڻي جو واعدو پورو نه ڪيو ويو، ۽ صرف عمرڪوٽ ضلعي جي 1 لک 90 هزار ايڪڙ زرعي زمين نجي ادارن جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌ جي مستقبل سان وڏو ظلم آهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ سرڪار پ پ حڪومت جي سرڪار آهي، پر سنڌ جي اهم اشوز تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ وفاقي اشو آهي ته سنڌ سرڪار رد ڇو نٿي ڪري؟ هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، پوليس آفيسرن کي سياسي بنيادن تي لڳايو وڃي ٿو، ڪرپشن جو راڄ آهي ۽ ڌاڙيلن جا حڪم هلن ٿا، جڏهن ته ملڪ ٻوڏ واري حالت ۾ آهي، پر سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جيڪا هٿرادو طور پيدا ڪئي وئي آهي ته جيئن سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري نجي مفادن لاءِ زمينون خالي ڪرايون وڃن، جسقم اعلان ڪيو آهي ته 29 جولاءِ تي سنڌ جي وسيلن، درياهن، زمينن ۽ عوامي حقن لاءِ عمرڪوٽ جي رستن تي وڏي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
جسقم بشير قريشي
تڪراري ڪئنالن
عمرڪوٽ
0 تبصرے