عمرڪوٽ ۾ فقير جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري

رائزنگ اسٽار ڪلب جي ميان جان محمد ڪلب کي شڪست، فراز احمد ميچ جو ھيرو قرار

عمرڪوٽ ۾ فقير جادم مڱريو جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ جاري ٽورنامينٽ ۾ رائزنگ اسٽار ڪلب جي ميان جان محمد ڪلب کي شڪست، فراز احمد ميچ جو ھيرو قرار خبر موجب عمرڪوٽ ۾ مرحوم فقير جادم منڱريو جي ياد ۾ ھلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دنگل جاري آھن گذريل ڏينھن رائزنگ اسٽار ڪلب ۽ ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيو ان موقعي تي ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيائين ۽ مقرر 10 اورن ۾ 118 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب جي بيسٽ مين اويس احمد 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 40 رنس ٺاهي بھترين قابليت جو مظاهرو ڪيو جڏھن ته ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي جواب ۾ رائزنگ اسٽار ڪلب 6 اورن ۾ فراز احمد جي 7 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان جيت کي پنهنجي نالي ڪري ورتو 7 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 53 رنس ٺاهيندڙ فراز احمد کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو