English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا: اياز لطيف پليجو
views
|
23rd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
جاگيرداري سماج عورتن لاءِ مقتل گاھ آھي، بلوچستان جھڙا المناڪ سانحا سنڌ ۾ بہ ٿين ٿا
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ جاگيرداري سماج عورتن لاءِ مقتل گاھ آھي. ھاري، مزدور، پورھيت، ٻار تعليم، صحت سميت بنيادي انساني حقن کان محروم آھن. بلوچستان جھڙا المناڪ سانحا سنڌ ۾ بہ ٿين ٿا، جرڳا ڪري معصوم نياڻين جا خون لوڙھيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت خوني جاگيرداري جرڳائي نظام کي وڌيڪ مظبوط ڪيو آھي. سپريم ڪورٽ جرڳن تي پابندي ھنئي ان باوجود حڪومتي وزير ۽ ٻيا نمائندا رياست اندر رياست قائم ڪري پنھنجي عدالت لڳائي دھشتگردن، خونين، ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين کي معاف ڪن ٿا ۽ خون لوڙھي ڇڏين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ اتر سنڌ جون 2 ڊويزنون سکر ۽ لاڙڪاڻو ڌاڙيلن جي حوالي آھن، باقي سنڌ بہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. نياڻيون اغوا ڪري زبردستي انھن جا مذھب تبديل ڪري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. احتجاجن ۽ ھاء پروفائيل ڪيس ٿيڻ باوجود نياڻين سان انصاف نٿو ٿئي. جيڪي نياڻيون ڪارنھن الزام ھڻي قتل ڪيون وڃن ٿيون، انھن جي قاتلن کي انجام تي پھچائڻ بدران تحفظ ڏنو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون ٿي رھيون آھن پر ڪٿي بہ قانون ۽ انصاف ناھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ayaz latif palijo
0 تبصرے