ڏوڪريءَ ۾ ڳوٺ گهانگهرڪو واسي پورهيت گهر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ڏوڪريءَ ۾ ڳوٺ گهانگهرڪو واسي پورهيت گهر تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ڏوڪري(رپورٽر)ڏوڪريءَ لڳ ڳوٺ گهانگهرڪو جو پورهيت گهر تي قبضي خلاف احتجاج،انصاف جي گهر.تفصيل موجب موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ گهانگهرڪو جي رهواسي پورهيت امداد علي متو ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ ستر سالن کان ڳوٺ گهانگهرڪو ۾ ويٺل آهيان، محنت مزدوري ۽ ھارپو ڪري ٻچن جو پيٽ پالي زندگي جا گذاري رهيو آهيان پر ڪجھ ڏينھن کان ڳوٺ جا بااثر زاھد ٻگھيو،آندل ٻگھيو،نصير ٻگھيو ۽ مصري ٻگھيو زبردستي گهر تي قبضو ڪيو آهي ۽ ڳوٺ مان لڏو کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي ھيسائي رهيا آهن. ھن چيو ته مان غريب ماڻهو آهيان گهر جا ٻار ٻچا سخت پريشان ۽ خوف آهن. جيڪڏهن گهر نہ رهيو تہ ڪاڏي ويندا.ھن چيو ته مٿيان جوابدار روزبروز گهر جي در تي ھٿيار کڻي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن خدارا انصاف ڪيو وڃي.ھن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته خدارا گهر تي قبضو ڪندڙ مٿين بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.