منزل پمپ ويجهو حادثي ۾ پنجن ورهين جو عقيل پٽ ذوالفقار ٿڏي تي فوت ٿي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراه لڳ منزل پمپ ويجهو گرين سٽي جي علائقي ۾ هڪ تيز رفتار بس سان افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنجن ورهين جو هڪ معصوم ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ ڪيترائي ٻار ۽ عورتون به شامل آهن۔حادثي کان پوءِ فوت ٿيل ٻار سميت سڀني زخمين کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اسپتال ذريعن موجب زخمين کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔فوتي ۽ زخمين ۾ عقيـل ولد ذوالفقار، عمر 5 سال — فوت (ٻار)حسيب ولد ذوالفقار، عمر 10 سال — زخمي (ٻار) طيب ولد ذوالفقار، عمر 8 سال — زخمي (ٻار)مير فاطمه دختر امداد، عمر 11 سال — زخمي (ٻار)دعا دختر سلطان، عمر 14 سال — زخمي(ٻار)ميرب دختر ذوالفقار، عمر 12 سال — زخمي (ٻار) موسيٰ ولد ذوالفقار، عمر 9 سال — زخمي (ٻار)افضل ولد ارشد، عمر 35 سال — زخمي (مرد)سهيل ولد انور، عمر 40 سال — زخمي (مرد)محمد شاه ولد نالو نامعلوم، عمر لڳ ڀڳ 35 سال — زخمي (مرد)ڪريم ولد ناصر، عمر 40 سال زخمي(مرد) شامل آهن حادثي بعد علائقي ۾ ڇرڪاءُ ۽ افراتفري ڇانيل رهي۔ اکين ڏٺن شاهدن موجب بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مفرور ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي قانون آڏو پيش ڪيو ويندو
0 تبصرے