عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي انساني حقن بابت صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ۾ اجلاس ٿي گذريو ان موقعي سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب ضلعي عمرڪوٽ ۾ انساني حقن جي واڌاري، تحفظ ۽ موجود مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انساني حقن واري ڪميٽي (DHRC) جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي وزيراعليٰ جي انساني حقن بابت صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ جي پرو وائيس چانسلر جان محمد مري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ طارق وحيد، پرنسپال ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ عبدالرئوف سومرو، ڊپٽي ڊي او مير حسن، سي ايم او ميونسپل ڪميٽي سيد ساجد شاه، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، چيف ضلعي ڪائونسل آفيسر امتياز هاليپوٽو، ڪاشف صديقي، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر، ايف آئي اي جي سب انسپيڪٽر سماعيل ڪنڀر، مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر، سول سوسائٽي جا نمائندا ڪاشف بجير، مير حسن آريسر، غلام مصطفيٰ کوسو، علي اڪبر راهمون، عبدالله کوسو، ڪنيا موهن لال، امام بخش خاصخيلي، شيورام، انساني حقن جي تنظيم جي نمائندن ۽ مقامي صحافين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ضلعي ۾ انساني حقن سان لاڳاپيل جاري سرڪاري قدمن ۽ چئلينجن تي تفصيل سان روشني وڌي ويئي، ان موقعي تي ايڊوائيزر ٽو چيف منسٽر سنڌ راجوير سنگھ سوڍو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت انساني حقن جي تحفظ لاءِ سنجيده ۽ پرعزم آهي، هن چيو ته انساني حقن بابت ضلعي سطح تي فعال ڪميٽين جو قيام عوامي مسئلن جي وقت سر حل، عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم آهي، هن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ ٺهيل ڪميٽين کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ سول سوسائٽي جو ڪردار نهايت ضروري آهي ۽ ضلعي سطح تي سول سوسائٽي جي نمائندن کي ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن زور ڏنو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن نوجوان نسل کي بچائي سگهجي، ان موقعي تي راجوير سنگھ چيو ته هر ماڻهو کي ذميوار شهري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن معاشري کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي، ان موقعي تي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو چيو ته وومين هيومن رائٽس ڪميٽي کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وڃي ۽ جيڪا به عورت متاثر ٿئي ان کي سيف هائوس تائين منتقل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، اجلاس دوران مختلف شرڪت ڪندڙن اسٽيڪ هولڊرن پاران پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ضلعي اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙي، ٻارن سان جبري مشقت، گهريلو تشدد، سرن جي بٺن تي مزدوري ڪندڙ ٻارڙن، عورتن کي وراثت کان محروم رکڻ، جبري شاديون ۽ اقليتن سان لاڳاپيل مسئلن تي ڌيان ڏياريو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي سطح تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي فوري اطلاع ۽ قانوني مدد لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي جوڙي ويندي، اجلاس جي آخر ۾ راجوير سنگھ سوڍو چيو ته هر ضلعي ۾ اهڙن اجلاس ذريعي انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ زور ڏنو ته ڪميٽي جا سڀ ميمبر پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني ادا ڪن جڏھن اجلاس بعد وڏي وزير جي صلاحڪار راجوير سنگھ سوڍو سب جيل عمرڪوٽ ۽ سول اسپتال جو پڻ دورو ڪيو جتي سب جيل ۾ سولر پليٽ لڳائي صاف سٿرو پاڻي فراھم ڪرڻ ۽ صفائي نظام بھتر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي جڏھن ته سول اسپتال ۾ پڻ رھيل سولر پليٽون لڳائڻ رھيل ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي
0 تبصرے