سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ سب ڪيمپس جي ملازمن پاران احتجاج جو سلسلو جاري

ملازمن ايڊمن بلاڪ جي گيٽ آڏو ٻانھن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو، انتظاميه خلاف نعريبازي

سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ سب ڪيمپس جي ملازمن پاران احتجاج جو سلسلو جاري

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ سب ڪيمپس جي ملازمن پاران وقت سر پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري، ملازمن ايڊمن بلاڪ جي گيٽ آڏو ٻانھن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي انهن پنهنجي جائز مطالبن جي حمايت ۾ نعرا پڻ هنيا ويا احتجاج دوران رحمت الله ڪنڀر، وحيد ڪنڀر، وقار نھڙي، ڀورالال مالھي، باقر مري، آصف گاڏھي ۽ ٻين ملازمن جو چيو ته کين هلندڙ مهيني جون پگهارون نه مليون آهن، جڏهن ته ٻي مهيني جا 21 ڏينهن گذري چڪا آهن، هو مسلسل فرض کڻي گذر سفر ڪري رهيا آهن، پر انهن کي انتظاميه طرفان صرف آسرا ۽ دلاسا ئي ملي رهيا آهن، اسان جو گذارو پگهار تي آهي، روزانو خرچ، دوائون، ٻارن جون فيسون ۽ گھر جون ضرورتون، سڀ ڪجهه ان ئي آمدني تي دارومدار رکن ٿا، مظاهري دوران ملازمن انتظاميه تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته انتظاميه اسان جي مالي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي، جيڪڏهن ترت پگهارون جاري نه ڪيون ويون ته هو احتجاجي تحريڪ جو باقاعدي اعلان ڪندا، هوڏانهن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي انتظاميه پاران اڃان تائين ان معاملي تي ڪو به موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي، شھري حلقن پاران به مطالبو ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه فوري طور تي ملازمن جي پگهارن جو مسئلو حل ڪري، جيئن ادارن ۾ ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي ۽ ملازمن جي عزت نفس مجروح ٿيڻ کان بچي.