ڪاشف علي شورو مختلف پمپنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪالي واري ڪم جو معائنو ڪيو
حيدرآباد(اطهر ميمڻ) ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ اڄ برسات کانپوءِ شهر جي مختلف پمپنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي واري ڪم جو معائنو ڪيو. صبح جو ٿيل برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو ھو، جنھن کانپوءِ ميئر ۽ ڊي سي فوري طور تي پمپنگ اسٽيشنز جو جائزو ورتو. دوري دوران لطيف آباد، شاھ لطيف ٽائون، حسين آباد، سچل سرمست، قاسم آباد ۽ ميان سرفراز ٽائون جي پمپنگ اسٽيشنز جو معائنو ڪيو ويو. ميئر ڪاشف علي شورو چيو ته شهر جي سڀني علائقن جو جائزو ورتو ويو آھي ۽ پاڻي جي نيڪالي لاءِ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن. هن ڄاڻايو ته اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿي چڪي آهي پر ڪجھ ھيٺاھين وارن هنڌن تي اڃا به پاڻي بيٺل آھي، جتي نيڪالي جو عمل تيزي سان جاري آھي. انھن لاڳاپيل افسرن کي ھدايت ڪئي ته اھي هوشيار رھن ۽ شھرين کي ڪنھن به قسم جي پريشاني کان بچائڻ لاءِ ھر ممڪن انتظام ڪن مقامي انتظاميا جو چوڻ آھي ته برسات کانپوءِ ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو ويو آھي ۽ جلد ئي سڀني علائقن مان پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿي ويندي .
0 تبصرے