ملڪي حڪمرانن سنڌ کي مفتوحه علائقو سمجھي بدترين غلاميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آھي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪراچي جو دورو، مختلف اڳواڻن سان تعزيتون

ملڪي حڪمرانن سنڌ کي مفتوحه علائقو سمجھي بدترين غلاميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آھي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ڪراچي (احسان ابڙو) ايس ٽي پي چيئرمين جناب ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪراچي جو دورو ڪيو ويو مختلف جڳھن تي تعزيتون ڪيون ويون ، چانھن پارٽين ۾ شرڪت ڪئي وئي ۽ تقريبن ۾ بہ پڻ شريڪ ٿيو تفصيل موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي مرڪزي، ضلعي ۽ ٽائون عھديدارن جو گڏيل اجلاس پارٽي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن گلزار احمد سومرو، نثار علي ڪيريو، ھوت خان گاڏهي، خير محمد مگسي، اعجاز سامٽيو، ڊويزنل اڳواڻ عاشق ٿھيم، پير بخش بھلڪاڻي ، باغي رفيق ملاح سميت ڊويزن سان لاڳاپيل عھديدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ڪراچي ڊويزن اندر تنظيمي سرگرمين کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا، اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي پارٽي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪي حڪمرانن سنڌ کي مفتوح علائقو سمجھي بدترين غلاميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آھي، سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن ۽ جملي ڪائناتي حقن تي قبضيگيري واري مھم ھلندڙ آھي ، پيپلزپارٽي پنهنجي اقتداري مفادن خاطر سنڌ جي مجموعي مفادن خلاف بيٺل آهي جيستائين پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي ووٽ جي طاقت تي اقتدار تائين پهچي سنڌ جي ئي وسيلن جي نيلامي ڪري سنڌ کي تباھين جي ور چاڙهي ڇڏيو ان کان سنڌ جا ماڻهون ووٽ جي سگھ واپس نه وٺندا سنڌ جو جياپو ممڪن ناھي سنڌ مٿان جاگيرداري جي مڪروھ يلگار کان آجو ڪرائڻ کان سواءِ سنڌ جي اڪثريتي پيڙھيل طبقن جو ڇوٽڪارو ممڪن ناهي ان ڪري سنڌ جي عوام کي سنڌ مٿان مڙهيل سمورين غلامين جي خاتمي لاءِ مڙي مٺ ٿيڻو پوندو ھوڏانھن ملير پريس ڪلب ڪراچي پھچي صدر حنيف سومرو سان تعزيت ڪئي وئي ٻئي پاسي جوھر موڙ پھچي ايس ٽي پي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جو ڏوھارين ھٿان زخمي ڪيل سندس ڀائٽي جي عيادت پڻ ڪئي وئي جڏھن ته مور مگسي سان سئوٽ جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ پير بخش بھلڪاڻي پاران ڪوٺايل تقريب ۾ قادر نگر پھچي شرڪت ڪئي وئي انھي موقعي تي ڏاڏو الھورايو عمراڻي ، غلام علي بليدي ، ڪامريڊ احسان جيھو، رجب علي مگسي، رياض جلباڻي، خير محمد مگسي، علي بخش لاشاري، شيرجان کوسو، اصغر سبزوئي ۽ ٻيا گڏ ھيا