English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪي حڪمرانن سنڌ کي مفتوحه علائقو سمجھي بدترين غلاميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آھي: ڊاڪٽر قادر مگسي
149 views
|
20th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪراچي جو دورو، مختلف اڳواڻن سان تعزيتون
ڪراچي (احسان ابڙو) ايس ٽي پي چيئرمين جناب ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪراچي جو دورو ڪيو ويو مختلف جڳھن تي تعزيتون ڪيون ويون ، چانھن پارٽين ۾ شرڪت ڪئي وئي ۽ تقريبن ۾ بہ پڻ شريڪ ٿيو تفصيل موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن جي مرڪزي، ضلعي ۽ ٽائون عھديدارن جو گڏيل اجلاس پارٽي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن گلزار احمد سومرو، نثار علي ڪيريو، ھوت خان گاڏهي، خير محمد مگسي، اعجاز سامٽيو، ڊويزنل اڳواڻ عاشق ٿھيم، پير بخش بھلڪاڻي ، باغي رفيق ملاح سميت ڊويزن سان لاڳاپيل عھديدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ڪراچي ڊويزن اندر تنظيمي سرگرمين کي وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا، اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي پارٽي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪي حڪمرانن سنڌ کي مفتوح علائقو سمجھي بدترين غلاميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آھي، سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن ۽ جملي ڪائناتي حقن تي قبضيگيري واري مھم ھلندڙ آھي ، پيپلزپارٽي پنهنجي اقتداري مفادن خاطر سنڌ جي مجموعي مفادن خلاف بيٺل آهي جيستائين پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي ووٽ جي طاقت تي اقتدار تائين پهچي سنڌ جي ئي وسيلن جي نيلامي ڪري سنڌ کي تباھين جي ور چاڙهي ڇڏيو ان کان سنڌ جا ماڻهون ووٽ جي سگھ واپس نه وٺندا سنڌ جو جياپو ممڪن ناھي سنڌ مٿان جاگيرداري جي مڪروھ يلگار کان آجو ڪرائڻ کان سواءِ سنڌ جي اڪثريتي پيڙھيل طبقن جو ڇوٽڪارو ممڪن ناهي ان ڪري سنڌ جي عوام کي سنڌ مٿان مڙهيل سمورين غلامين جي خاتمي لاءِ مڙي مٺ ٿيڻو پوندو ھوڏانھن ملير پريس ڪلب ڪراچي پھچي صدر حنيف سومرو سان تعزيت ڪئي وئي ٻئي پاسي جوھر موڙ پھچي ايس ٽي پي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جو ڏوھارين ھٿان زخمي ڪيل سندس ڀائٽي جي عيادت پڻ ڪئي وئي جڏھن ته مور مگسي سان سئوٽ جي انتقال تي تعزيت ڪئي وئي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ پير بخش بھلڪاڻي پاران ڪوٺايل تقريب ۾ قادر نگر پھچي شرڪت ڪئي وئي انھي موقعي تي ڏاڏو الھورايو عمراڻي ، غلام علي بليدي ، ڪامريڊ احسان جيھو، رجب علي مگسي، رياض جلباڻي، خير محمد مگسي، علي بخش لاشاري، شيرجان کوسو، اصغر سبزوئي ۽ ٻيا گڏ ھيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي
0 تبصرے