عمرڪوٽ ۾ فقير جام مڱريو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري، ميان جان محمد ڪلب فقير جام مڱريو ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏيو

فقير محب مڱريو طرفان اويس احمد ڪيريو کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو

عمرڪوٽ ۾ فقير جام مڱريو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري، ميان جان محمد ڪلب فقير جام مڱريو ڪلب کي شڪست ڏئي ڇڏيو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير مرحوم فقير جادم مڱريو جي ياد ۾ ھلندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ فقير جادم ڪرڪيٽ ڪلب ورسس ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ دنگل ٿيو ميان جان محمد ڪلب ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 اورن ۾ 135 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو سنسي کيز مقابلي کانپوءِ آخري اور ۽ اخري وڪيٽ تي فقير جادم منڱريو ڪلب آل آئوٽ ٿي ويئي ۽ ميچ ميان جان محمد ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو ميچ ۾ اويس ڪيريو آخري اور ۾ 15 رنسون ٺاهي ميچ ميان جان محمد ڪلب جي کاتي ڪرائي ورتو جڏھن ته ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب منڱريو طرفان اويس احمد ڪيريو کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو